ڪم ڪرڻ باوجود هٽائڻ تي سوال ضرور اٿندا: گورنر

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪم ڪرڻ باوجود مون کي گورنر شپ تان هٽائڻ تي سوال ضرور اٿندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي کانسواءِ فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال سميت ٻي قيادت چئي چڪي آهي ته ايم ڪيو ايم  طرفان هو ئي گورنر رهندو. ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ جي گورنر لاءِ نسرين جليل يا ٻيا جيڪي نالا سامهون اچي رهيا آهن، اهي ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان نه پيا اچن. هن چيو ته گورنر هائوس ۾ حڪومتي فنڊنگ کانسواءِ آءِ ٽي يونيورسٽي قائم ڪئي، مديني رياست جي اصولن تي وياج بنا اڪائونٽس ٺاهيا، مسلمان ملازمن لاءِ نماز لازمي قرار ڏني. هن چيو ته ڏينهن ۾ 17 ڪلاڪ ڪم ڪري ماڻهن لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا، ڪم ڪرڻ باوجود گورنر شپ تان هٽائڻ تي  سوال ضرور ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.