ڪراچي ( رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال امن امان جي خراب صورتحال سبب ڪراچيءَ کي ٽن مهينن لاءِپاڪ فوج جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. صوبائي حڪومت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي، سنڌ حڪومت ۽ پوليس ڪراچي کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته 3 مهينن ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ مارجي ويلن جو انگ 60 تائين پهچي ويو آهي، چورن ۽ قاتلن کي آزاد ڪيو ويو آهي. هن سوال اٿاريو ته سنڌ جو گهرو وزير ٻڌائي ته پوليس جا هٿ ڪنهن بند ڪيا آهن؟ سنڌ پوليس ڪارروائي ڇو نٿي ڪري؟ ڪراچي جون حالتون انتهائي خراب آهن، شهرين جي جان ۽ مال محفوظ ناهي. تنهن ڪري ڪراچيءَ کي 3 مهينن لاءِ فوج حوالي ڪيو وڃي.