وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد ۾ 5 ارب ڊالر سيڙپڪاري تي اتفاق

رياض (م ڊ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. بيان موجب سعودي ولي عهد ۽ شهباز شريف وچ ۾ الصفا پيلس مڪي ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ سعودي ولي عهد کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار  ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرن جي سعودي سيڙپڪاري پئڪيج جو پهريون مرحلو مڪمل ڪرڻ جو عزم  ورجايو ويو. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ هو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ سعودي عرب جي تعاون کي ساراهيو ويو ۽ پاڪستان-سعودي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. شهباز شريف سعودي ولي عهد جو ٿورو مڃيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي ساراهيو. سعودي ولي عهد جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.