اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، اها شڪايت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي سيڪريٽري وقاص ملڪ ايڊووڪيٽ ڪئي.وقاص ملڪ ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته جسٽس محسن اختر ڪياني رياست مخالف ايجنڊا اختيار ڪري رهيو آهي، سندس ساٿي ججن سان گڏجي سندس خلاف ايڪشن ورتو وڃي، کيس فوري طور جج طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي،هوڏانهن وقاص ملڪ چيو ته ڪنهن جي اشاري تي اها درخواست ناهي ڏني، ان جج جي مقرري بعد ڪيتريون ئي درخواستون داخل ٿي چڪيون آهن، اهي درخواستون واپس وٺرايون ويون هيون، هن چيو ته مون وٽ جج جي مس ڪنڊڪٽ جو پورو فائل آهي، هن جي چيمبر جي ساٿي چوڌري عزيز بينظير ڀٽو شهيد ڪيس جي پراسيڪيوٽر شهيد چوڌري ذوالفقار سان زيادتيون ڪيون، مٿس ڪيس داخل ڪرايو،هن کان بينظير ڪيس جا فائل ڌمڪيون ڏئي کسيا ويا،محسن اختر ڪياني تي ڪرپشن جا به الزام آهن