سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ روڪڻ واري درخواست رد

اسلام آباد ( م ڊ )  چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 5 سينيٽرن جي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ سڀاڻي ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جي 5 سينيٽرن ڊاڪٽر زرقا سهروردي، فلڪ ناز، فوزيه ارشد، سيف الله نيازي ۽ سيف الله ابڙو پاران رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان گڏ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.رخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ جي سيٽن جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو وڃي ۽ خيبرپختونخواهه جي سينيٽ جي سيٽن جي چونڊ تائين سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ کي روڪيو وڃي.رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض واريندي چيو ته خيبرپختونخواهه سينيٽ جي سيٽن جو ڪيس پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. خيبرپختونخواهه سينيٽ جي سيٽن تي چونڊ ڪرائڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران شعيب شاهين ايڊووڪيٽ چيو ته الڳ مسئلو آهي، مخصوص سيٽن جو معاملو هو، اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل کي سيٽون ڏيڻ کان انڪار ڪيو، سني اتحاد ڪائونسل ان خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو، معاملو اٿاريو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل، اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه سيٽن تي حلف نه کڻڻ تي سينيٽ چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين ايڊووڪيٽ چيو ته سڀاڻي اليڪشن آهي، جيڪڏهن عيد کانپوءِ اليڪشن روڪي وڃي ته ڇا غلط آهي؟ ان تي چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته ڏسڻو آهي ته اليڪشن روڪي سگهجي ٿي يا نه.گذريل ڏينهن عدالت سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. واضح رهي ته سينيٽ جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو جنهن ۾ نوان چونڊيل سينيٽر حلف کڻندا. ان کان علاوه چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ به سڀاڻي ٿيندي جنهن ۾ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پرزائيڊنگ آفيسر طور سينيٽ اجلاس جي صدارت ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.