صدر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 16 اپريل تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري  پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 16 اپريل تي طلب ڪري  ورتو، صدر پارلياماني  سال جي شروعات تي پارليمينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو، اجلاس 16 اپريل تي شام 4 وڳي ٿيندو، واضح رهي ته صدر آصف علي زرداري سينيٽ جو اجلاس 9 اپريل تي طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن ٿيندي، صدر آصف علي زرداري عيدالفطر کان اڳئي  9 اپريل تي مٿين ايوان سينيٽ جو اجلاس طلب ڪري ورتو.

  1. بشريٰ بي بي جي عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي رپورٽ طلب

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. بشريٰ بي بي جي سندس مڙس عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ سبب عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشريٰ بي بي جي جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس مان اسٽيٽ ڪونسل عبدالرحمان عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ٿيو آهي؟ عدالت اسٽيٽ ڪونسل کي هدايت ڪئي ته لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري اڄ ئي آگاهي ڏيو، چيف ڪمشنر آفيس، جيل اختيارين ۽ ٻين ڌرين سان رابطو ڪري رپورٽ ڏني وڃي. جسٽس گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته ٻنهي طرفن کان سياست ٿي رهي آهي عيد کان پوءِ هن ڪيس کي ٻڌي فيصلو ڪنداسين. ياد رهي ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي بشريٰ بي بي جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ ٻنهي جي عيد تي ملاقات جو پڻ حڪم ڏنو هو.

  1. پنهنجي فيصلن تي مون کي  سياسي پارٽيءَ سان ڳنڍيو ويو : چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته مون کي پنهنجي فيصلن جي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي آهي. فل ڪورٽ ريفرنس جي تقريب کي خطاب  ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم چيو ته جيڪڏهن ڪو فريادي سمجهي ٿو ته مون سان انصاف نه ٿيو آهي ته مان قيامت جي ڏينهن حاضر هوندس. 31 سالن جي عرصي ۾ 15 هزار فيصلا ڏنا. جسٽس محمد ابراهيم چيو ته 15 هزار فيصلن مان رڳو 509 فيصلن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، جن مان 279 کي سپريم ڪورٽ برقرار رکيو. گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان قانون موجب فيصلا ڪيا پر اسان کي سياسي پارٽي سان ڳنڍيو ويو آهي. اسان جي قانون موجب ڏنل فيصلن تي سياسي پارٽين پاران تنقيد ڪئي وئي. هن چيو ته انهن فيصلن جي مون کي تمام گهڻي قيمت چڪائڻي پئي آهي. اسان آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪيا آهن.

  1. وفاقي حڪومت پمز کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ لاءِ تيار

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي حڪومت پمز کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، حڪومت وفاق  جي سڀ کان وڏي اسپتال پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ ليب ۽ ريڊيولاجي ڊپارٽمينٽ کي پبلڪ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي مرحلي ۾ باقي شعبا به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ ڏنا ويندا ۽ ٽئين مرحلي ۾ پمز جي زمينن بابت فيصلو ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار پمز انتظاميه کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.هن چيو ته پمز صحت واري وزارت جي انتظام هيٺ ڪم ڪندو رهندو، ريڊيولاجي جي شعبي ۾ سي ٽي اسڪين، ايم آر آءِ ٽيسٽ کي سرڪاري ۽ خانگي بڻائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، پر اڃا تائين ڪو به حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو.

  1. عدليه ۾ ڪرپشن: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي رپورٽ ٻيهر شايع ڪرڻ جو حڪم

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان کي 2023ع جي سالياني رپورٽ ٻيهر شايع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  پشاور هاءِ ڪورٽ 19 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عدالت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي هدايت ڪئي آهي ته رپورٽ ۾ نه ڏنل ڊيٽا شامل ڪري حقيقت تي ٻڌل رپورٽ ٻيهر شايع ڪري 24 اپريل تائين پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ جمع ڪرائي وڃي. پشاور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته سروي دوران رد ٿيل فارمن جو ڪل انگ رپورٽ ۾ شايع ڪيو وڃي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي گهرجي ته رپورٽ ۾ عوام جي راءِ جا سمورا نقطا واضح طور شايع ڪيا وڃن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي نيشنل ڪرپشن پرسيپشن سروي 2023ع جي رپورٽ کي درست ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ها، اهڙي فيصلي سان اهو تاثر نه ورتو وڃي ته اظهار جي آزادي تي پابندي لڳائي وئي آهي. واضح رهي ته ان رپورٽ ۾ عدليه کي ملڪ جو ٽيون نمبر ڪرپٽ ادارو قرار ڏنو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.