شهبازشريف محسن نقوي کان ناخوش،ٻن سالن کان پوءِ وچ مدي وارين چونڊن جو امڪان

اسلام آباد/لاهور(عوامي آواز نيوز)ن ليگ جي سينيئر وفاقي وزير انڪشاف ڪيو آهي ته ن ليگ ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ۾ وڃڻ جو سوچي رهي آهي، قيادت ٻن سالن تائين ڪم ڪرڻ جو چيو آهي. ٻن سالن کان پوءِ اهي  اليڪشن لاءِ تيار ٿي ويندا ۽ وچ مدي واري اليڪشن لاءِ وڃي سگهندا،هن چيو ته باقاعده مشاورت ۾ اها ڳالهه بحث هيٺ آئي آهي ۽ ان سوچ هٿي ورتي آهي، وفاقي حڪومت وٺڻ جي سوال جي جواب ۾ هن يچو ته رائيونڊ ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ شهبازشريف به حڪومت وٺڻ جي مخالفت ڪئي هئي پر ميان نوازشريف حڪومت وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته وفاقي حڪومت وٺڻ گهرجي جنهن تي سڀني ڪنڌ جهڪائي اها ڳالهه مڃي،وفاقي وزير هڪ ٻي حيران ڪندڙ ڳالهه ڪئي ته شهبازشريف، محسن نقوي مان بلڪل خوش ناهي ۽ نه ئي هن جي ڪابينا ۾ موجودگي سان ڪمفرٽ ايبل(مطمئن) آهي، هن چيو ته انهي ڪري محسن نقوي کي گهرو سيڪريٽري سندس مرضي جو ڏنو ويو آهي نه ئي آءِ جي اسلام آباد ۽ مستقبل ۾ به هن سان ائين ئي ڪيو ويندو،هو پنهنجي مرضي جا فيصلا نه ڪري سگهندو، وفاقي وزير چيو ته محسن نقوي کي اي سي ايل ڪميٽي ۾ شامل نه ڪيو ويو،اعلان باوجود مستقبل ۾ به هو ڪميٽي جو حصو نه بڻجندو، هن چيو ته شهبازشريف اسٽيبلشمينٽ جي ٻئي نمائندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي به اهم ڪميٽين ۾ شامل نه ڪيو،کيس سي سي آءِ ۽ نجڪاري ۾ شامل نه ڪيو ويو، هوڏانهن صحافي عمر چيما چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله محسن نقوي کي فٽبال بڻائي ڇڏيو آهي، ن ليگ پنجاب جي صدر پنجاب ۾ گهرو معاملن بابت صلاحڪار ٿيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو، راڻا ثناءُ الله کي محسن نقوي تي وڏي ڪاوڙ آهي،مريم نواز به کيس هڪ شٽ اپ ڪال ڏئي چڪي اهي، محسن نقوي کي پنجاب مان هڪ آفيسر کي آءِ جي اسلام آباد طور ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي،محسن نقوي پنجاب ۾ سيڪريٽري ڪميونيڪيشن لفيٽيننٽ سهيل اشرف کي پي سي بي ۾ چيف آپريٽنگ آفيسر طور وٺي وڃڻ چاهي پيو،مريم نواز ان تي به انڪار ڪيو،رانا ثناءُ الله اڪيلي محسن نقوي خلاف نه پيو ڳالهائي کيس شريف خاندان جي مڪمل حمايت حاصل آهي،محسن نقوي پنجاب ۾ نگران وڏي وزير طور رهي پنهنجون پاڙون مضبوط ڪيون آهن،اهي به ڳالهيون هلي رهيون آهن ته محسن نقوي وزارت عظميٰ جو به اميدوار آهي، محسن نقوي جا آصف زرداري ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، شريف خاندان محسن نقوي کي پنهنجي حدن ۾ رکڻ چاهي ٿو، معظم فخر جو چوڻ آهي ته هن وقت محسن نقوي جي معاملي تي ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي،جيڪڏهن پ پ ن ليگ جي حمايت ڪري ٿي ته محسن نقوي ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ مشڪلات پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ ن ليگ اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانئي سان ميدان ۾ لهي سگهي ٿي،ن ليگ سمجهي رهي آهي ته شهبازشريف کي ڪنڊائتو ڪري محسن نقوي ذريعي حڪومت هلائي پئي وڃي ۽ عمران خان کي به رليف ملي رهيو آهي،هن چيو ته  16 اپريل تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر آصف زرداري خطاب ۾ جيڪڏهن چيو ته اسان جمهوري حڪومت سان گڏ بيٺا آهيون ۽ ڪنهن به غير جمهوري طاقت کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ نه ڏينداسين ته پوءِ اها ن ليگ جي حمايت هوندي هن جيڪڏهن مفاهمت جي ڳالهه ڪئي ته ان جو مطلب ته هو اسٽيبلشمينٽ کي خاطري پيو ڪرائي ته ڳڻتي نه ڪريو، اسان توهان جي ايجنڊا وڌائڻ لاءِ حاضر آهيون،ان گيم ۾ وري به آصف زرداري اهميت اختيار ڪري ويو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اڱارو 09 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.