معاشي ترقي لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي سياسي طاقت تان هٿ کڻڻو پوندو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) فوجي اسٽيبلشمينٽ کي اها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته ملڪ جي معاشي حالتن جو دارومدار سياسي فيصلن تي هوندو آهي،نيا دور اخبار جي تجزئي مطابق ملڪ جي موجوده معاشي بحران کي سياسي سوچ سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو. فوجي طاقت جو مطلب معاشي حالتون ٺيڪ ڪرڻ نه آهي. اسان پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين سڀ ڪم هڪ طاقت ذريعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيون ۽ اها آهي فوج جي طاقت. اسان اهو سمجهڻ کان قاصر رهيا آهيون ته فوجي طاقت کي خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اسان سياسي ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ فوجي طاقت کي استعمال ڪرڻ تي بضد رهيا آهيون. جنهن سبب پاڪستان اڄ تائين سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي مضبوط رياست بڻجي نه سگهيو آهي غربت، مهانگائي، بيروزگاري، سماجي انتشار ۽ بدامني پاڪستان جي رياست جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي. پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت ڪشڪول کڻي ڪڏهن آمريڪا،ڪڏهن وري يورپي ملڪن ۽ ڪڏهن خليجي دروازن تي خيرات جي منتظر بڻيل رهي آهي. پر ائين ناهي ته پاڪستان اڪيلو ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي يا اهو مسئلو پاڪستان کان اڳ ڪنهن به رياست سان نه ٿيو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن فوجي طاقت ذريعي رياست جا معاملا هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن هنن محسوس ڪيو ته هو ان قوت ذريعي ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون ٺيڪ نه ٿا ڪري سگهن، تڏهن هنن حڪومتي معاملن کي سياسي قيادت جي حوالي ڪري ڇڏيو.1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڏکڻ آمريڪي ملڪ پيرو ۾ جنرل فرانسسڪو جي فوجي حڪومت هئي،ان وقت پيرو  جون معاشي حالتون انتهائي خراب ٿينديون ويون، معاشي عدم استحڪام ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جڏهن جنرل فرانسسڪو جي طاقتور فوجي حڪومت کي احساس ٿيو ته هو ناڪام ٿي ويو. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هن حڪومت کي سياستدانن جي حوالي ڪيو. اهڙي طرح برازيل ۾ فوجي حڪومت 1968ع کان 1973ع تائين ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو، پر جيئن ئي تيل جو عالمي بحران شروع ٿيو ته فوجي حڪومت کي احساس ٿيو ته هو نئين معاشي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي، برازيل جي آخري فوجي حڪمران، جاو فيگيريڊو، ماضي جي غلطين تي شرمساريءَ جو اظهار ڪيو ڏکڻ آمريڪا جي هڪ ٻئي ملڪ يوراگوئي جي فوجي حڪومت ملڪ ۾ 1980ع  ۾ هڪ ريفرنڊم منعقد ڪيو. جڏهن عوام فوجي حڪومت جي خلاف ووٽ ڏنو ته فوج حڪومت سول نمائندن جي حوالي ڪري ڇڏي. يونان ۾ جڏهن فوجي حڪومت محسوس ڪيو ته ملڪ ’حقيقي‘ جمهوريت بدران معاشي بحران جو شڪار آهي، تڏهن هنن 1974ع ۾ ملڪ کي جمهوري طاقتن جي حوالي ڪري ڇڏيو. دنيا ۾ اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال آهن، جتي اندروني انتشار، انقلاب ۽ خونريزيءَ کان سواءِ فوج ملڪ جي معاشي حالتن کي ڏسندي رضاڪارانه طور تي حڪومت عوام جي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪئي. فوجي اسٽيبلشمينٽ کي اها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته ملڪ جي معاشي حالتن جو دارومدار سياسي فيصلن تي هوندو آهي. ملڪ جي موجوده معاشي بحران کي سياسي سوچ سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اڱارو 09 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.