”نوازشريف جلد انگلستان مان ن ليگ تي آپگهاتي حملو ڪندو“

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي چيو آهي ته نوازشريف جلد لنڊن پهچي پريس ڪانفرنس ڪرڻ وارو آهي، هو ن ليگ تي خودڪش حملو ڪرڻ وارو آهي،9 مئي واقعن ۾ ڪنهن کي فائدو ٿيو؟ هن اليڪشن ۾ سڀ کان وڏو ڌماڪو ته ان صاحب(نوازشريف) تي ٿيو آهي جيڪو ٻاهريان آيو هو،انگلستان مان جلد پريس ڪانفرنس ٿيڻ واري آهي،نوازشريف دوکي جي ڪهاڻي ان پريس ڪانفرنس ۾ واضح ڪندو،وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته نوازشريف کي لنڊن وڃي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هو جڏهن چاهيندو هي حڪومت ختم ڪئي ويندي، نوازشريف جڏهن اشارو ڪندو هي حڪومت نه رهندي،اهو اسان جو سڀني ڏانهن پيغام آهي؟ اسان کي سادي اڪثريت نه ملي ان ڪري نوازشريف وزيراعظم نه ٿيو، عوام اسان کي مينڊيٽ نه ڏنو ته ان جو اسان احترام ڪريون ٿا،انهن چونڊ نتيجن تي اسان جا گهڻا ماڻهو خوش ناهن،راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف،عابد شير علي ۽ ٻين اڳواڻن جو هارائڻ اسان لاءِ حيران ڪندڙ آهي، هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي هڪ ٽي وي شو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پارليامينٽ کي هڪ ڪرنل هلائي  رهيو آهي، مون کي ان پارليامينٽ تي رحم اچي رهيو آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت دوران هڪ ريٽائرڊ ڪرنل لياقت پارليامينٽ ۾ ويهندو هو ۽ ڪئميرائن ذريعي ميمبرن جون ڳالهيون ٻڌندو هو ۽ جنرل فيض حميد کي رپورٽ ڪندو هو، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عمران خان خلاف بي اعتمادي تحريڪ آئي هئي ته تڏهن هو ساڳيو ڪرنل لياقت گهڻو متحرڪ رهيو، چوڌري شجاعت، بي بي ڀروانه، طارق بشير چيما کي ان ڪرنل ذريعي قومي اسيمبلي آندو ويو هو،تڏهن بجيٽ پاس ڪرڻ لاءِ جنرل فيض حميد ذريعي ميمبرن کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون، اپوزيشن کي ڪورم جي نشاندهي کان به روڪي بل پاس ڪرڻ لاءِ واڪ آئوٽ لاءِ چيو ويندو هو،جاويد چوڌري چيو ته شهريار آفريدي ان ڪرنل جو نالو ته ناهي ٻڌايو پر پي ٽي آءِ جيڪي روايتون قائم ڪيون هيون اهي تسلسل سان اڳتي وڌي رهيون آهن.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اڱارو 09 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.