ايم ڪيو ايم جو وزيراعظم کان ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته منهنجو وزيراعظم کان مطالبو آهي ته ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لڳائي وڃي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ڪو به اڪيلو ملڪ ترقي ناهي ڪندو پر سڄو خطو ترقي ڪندو آهي.
هن ٻڌايو ته پنجويهه کان ٽيهن سالن ۾ اسان جي خطي به ترقي ڪئي آهي پر اسان پنهنجي خطي ۾ به پوئتي رهجي ويا آهيون، اسان کي اها وڏي وٿي طئي ڪرڻي آهي.
وفاقي وزير چيو ته سائنس اهو چوي ٿي ته تعمير ۽ ترقي جي ڊوڙ ۾ هڪ ارب ماڻهو غير ضروري نه ٿي وڃن، جيڪڏهن اسان آئيني سامهون بيهنداسين ته اهو اسان لاءِ وڏو چئلينج هوندو.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته تعليمي ايمرجنسي لڳائي وڃي ۽ هر هنڌ تعليم عام ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.