سعودي عرب جو اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊپازٽس 3 مان وڌائي 5 ارب ڊالر ڪرڻ جو فيصلو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي پاڪستان ۾ 21 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري لاءِ ڳالهيون جاري آهن.
سعودي عرب جي هولڊنگ ڪمپني جي سي اي او محمد القحطاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري پلان تي عملدرآمد تيز ڪري ڇڏيو آهي.
محمد القحطاني ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عرب جي دوري ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري پلان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
سي اي او سعودي عربيه هولڊنگ ڪمپني ٻڌايو ته سعودي عرب پاڪستان جي مرڪزي بينڪ ۾ ڊپازٽس 3 ارب ڊالرز مان وڌائي 5 ارب ڊالرز ڪندو.
سعودي عرب آئل ريفائنري ۽ ٽامي جي کاڻن ۾ سيڙپڪاري ڪندو، سعودي عرب جا اهي قدم طئي ٿيل وسيع معاهدي جو حصو آهن.
هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ 21 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڳالهيون ڪري رهيو آهي، منصوبي تحت سعودي عرب ٽامي جي کاڻ تي 7 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪندو.
آئل ريفائنري تي 14 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.