عالمي بئنڪ پاڪستان جي مستقبل بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ غذائي عدم تحفظ ۾ واڌ جڏهن ته تعليم ۽ صحت جي خدمتن تائين فراهمي ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
عالمي بينڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ وڌندڙ ٽرانسپورٽيشن لاڳت سبب اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو به ظاهر ڪيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سفري لاڳت ۾ واڌ سان علاج تائين رسائي دير جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
اچ وڃ جي لاڳت ۾ واڌ سبب اسڪول، صحت مرڪزن، مارڪيٽ تائين رسائي جا خرچ به وڌي ويا آهن.
عالمي بينڪ ٻڌايو ته سنڌ، خيبرپختونخوا، بلوچستان جي 43 ضلعن ۾ غذائي عدم تحفظ وڌڻ جو خدشو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ عذائي مهانگائي وڌيڪ آهي، غريب گهراڻن جي 50 سيڪڙو بجيٽ خوراڪ تي خرچ ٿيندي آهي.
رپورٽ ۾ غذائي عدم تحفظ 29 سيڪڙو مان وڌي 32 سيڪڙو تي پهچڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، غذائي مهانگائي غريب گهراڻن تي وڌيڪ اثرانداز ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.