محمد بن سلمان سيڙپڪاري جي صورت ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪندو: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته 14 اپريل تي واشنگٽن ۾ عالمي مالياتي فنڊ منصوبي جي خدوخال تي ڳالهيون ٿينديون.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي، محمد بن سلمان سان هاڪاري ملاقات ٿي، هن عزم ڪيو ته هو سيڙپڪاري جي صورت ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪندو.
هن اميد ظاهر ڪئي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي سان پاليسي ريٽ ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي، سندس چوڻ هو ته فيڊريشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو، صوبن جي مشاورت سان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.