اسٽاڪ ايڪسچينج لاءِ تاريخي ڏينهن،سيڙپڪاري

ڪراچي ( م ڊ ) پي ايس ايڪس تي تاريخي ڏينهن تي، 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو 69,000 جي نشان کي پار ڪيو، ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج  ۾ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات ۾ ئي عروج تي آهي.سومر تي ڪاروبار جي شروعات کان مثبت رجحان ڏٺو ويو ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٽريڊنگ دوران 100 انڊيڪس تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 69 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري ويو.ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 1203 پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ 69720 تي بند ٿيو.واضح رهي ته گذريل هفتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 68 هزار جي حد پار ڪري ويو هو.

  1. ڪراچي  ۾عيد تي گرمي، 14 اپريل  کان برسات جو امڪان

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي سميت سنڌ جي ڳچ هنڌن تي عيدالفطر جي  ڏينهن ۾ گرمي  رهندي، جڏهن ته 14 اپريل کان برسات جو امڪان آهي، موسمياتي تجزيه ڪار جواد ميمڻ مطابق سنڌ جي  ڳچ هنڌن تي  گرمي وڌي رهي آهي، 12 اپريل تائين صوبي ۾ موسم گرم رهندي، هن ٻڌايو ته عيد جي ڏينهن ۾ ڪراچي ۾  گرمي پد 37 کان 38 ڊگري سينٽي گريٽ ٿي سگهي ٿو، 12 اپريل کان پوءِ گرمي جو زور گهٽجڻ جو امڪان آهي، 13 يا 14 اپريل کان اولهندي هوائون ملڪ جي اڪثر هنڌن تي برساتن جو سبب بڻجنديون، ڪراچي ۾به 14 اپريل کان برسات جو امڪان آهي،  جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال اپريل ۾ معامول کان وڌيڪ  برساتون ٿي سگهن ٿيون.

  1. واڌو ڀاڙو اوڳاڙيندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروايون جاري

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي سينئر منسٽر ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي سنڌ طرفان عيد الفطر جي موقعي تي مسافرن کان واڌو ڀاڙو اوڳاڙيندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروايون جاري آھي، ان سلسلي ۾ روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي سنڌ رات دير تائين 471 گاڏين خلاف ڪارروايون ڪيون. مجموعي طور تي گاڏين جي مسافرن کان واڌو اوڳاڙيل 7 لک 44 ھزار رُپين جي رقم مسافرن کي واپس ڪرائي وئي ۽ واڌو ڀاڙو اوڳاڙيندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ھڪ لک 95 ھزار رُپين جا ڏنڊ مڙھيا ويا.  روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي پاران ڪراچي صدر، ھاءِ وي ۽ ٻين بس اڏن تي واڌو ڀاڙو اوڳاڙيندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ منصفاڻي ۽ مناسب ڀاڙن جو تعين يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آھيون۔ شھرين جي ڀلائي ۽ سندن حق سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.