لاڙڪاڻو/شڪارپور(نمائندن وٽان ) لاڙڪاڻو ڳڙهي ياسين ڀرسان ٿرڙي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ويگن جو ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ وين ڊرائيور ضمير نسيراڻي، ڳوٺ ابن اوڍو جي رهواسڻ 30 سالن نسيمه زال شڪيل اوڍو، پيرسن عورت حسنه خاتون زال غوث بخش اوڍو سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيلن کي علائقي واسين ۽ پوليس کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي ٽراما سينٽر آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي ٿيلن کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي حادثي جي زخمين صحافين کي ٻڌايو ته ڪنڌ ڪوٽ کان لاڙڪاڻي ايندڙ ويگن جو ڳڙهي ياسين ڀرسان ٿرڙي اسٽاپ وٽ ٽائر برسٽ ٿي پيو، جنهن ڪري گاڏي ڪلٽي ٿي پئي ۽ هي حادثو پيش آيو آهي. .