محسن نقوي، پرويز الاهي ۽ شجاعت وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪيو: قيصره الاهي

گجرات(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پرويز  الاهي جي گهرواري قيصره الاهي الزام لڳايو آهي ته گهرو وزير محسن نقوي شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،گجرات ۾ چوڌري پرويز الاهي جي گهر واري قيصره الاهي ۽ چوڌري شجاعت حسين جي ڀيڻ سميرا الاهي پريس ڪانفرنس ڪئي.قيصره الاهي چيو ته پرويز الاهي اڄ به عمران خان سان خلوص سان گڏ بيٺو آهي، هو 70 سالن جي ڄمار ۾ به سختيون برداشت ڪري رهيو آهي.هن الزام لڳايو ته چوڌري شجاعت جي پٽن اقتدار لاءِ خاندان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو،وفاقي ۽ صوبائي وزير بڻجندڙ ٻنهي پٽن پيءُ کي ٽشو وانگر استعمال ڪيو،سميرا الاهي چيو ته اليڪشن چوري ڪري وفاقي ۽ صوبائي وزير بڻجندڙ ڀائر نفرت وٺي رهيا آهن، شجاعت جا پٽ اقتدار ۽ اسان حق سچ لاءِ وڙهي رهيا آهيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.