اسلام آباد ( م ڊ ) شاهد خاقان نئين سياسي پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري ورتو، اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي نئين سياسي پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري ورتو. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سياسي پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ ڪاغذ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته هن سياسي پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي گهربل دستاويز فراهم ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ايڪٽ 2017ع موجب سياسي پارٽي جي رجسٽريشن ٿي رهي آهي. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته هو ايندڙ چونڊن ۾ نئين سياسي پارٽي تحت اليڪشن ۾ حصو وٺندو.