روينا ۽ اڪشي 22 سالن کانپوءِ وڏي پردي تي گڏ اچڻ لاءِ تيار!

بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن 22 سال کان پوءِ اداڪار اڪشي ڪمار سان گڏ وڏي پردي تي نظر ايندي.

ڀارتي ميڊيا موجب روينا ٽنڊن ۽ اڪشي ڪمار 22 سالن کان پوءِ ٻيهر فلم ”ويلڪم ٽو دي جنگل“ ۾ گڏ نظر ايندا، جڏهن ته هنن کي آخري ڀيرو 2004 ۾ فلم “پوليس فورس: اين انسائيڊ اسٽوري” ۾ گڏ ڏٺو ويو هو.

ان حوالي سان اداڪارا ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته اداڪار سنييل شيٽي، اڪشي ڪمار ۽ ڊائريڪٽر احمد خان سان ٻيهر ڪم ڪري تمام سٺو لڳو.

هن چيو ته اسان سڀ پراڻا دوست آهيون ۽ هڪ ٻئي کي گهڻي وقت کان سڃاڻون ٿا، فلم ۾ موجود سينيئر اداڪارا فريدهه منهنجي ڪيترين فلمن جهڙوڪ ”ضدي“ ۾ منهنجي ماءُ جو ڪردار به ادا ڪيو آهي.

اداڪار اڪشي ڪمار جي ڪيريئر بابت ڳالهائيندي روينا ٽنڊن چيو ته مان چئي سگهان ٿي ته اڪشي هڪ بهترين ۽ شاندار اداڪار هئا، آهن ۽ هميشه رهندا. هو پنهنجي ڪم ۾ پورو لڳي ويندو آهي ۽ شايد وقت سان گڏ ان ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. اسان انڊسٽري ۾ گڏ آيا هئاسين، نوان هئاسين ۽ ڪم سکندا هئاسين، پر هاڻي اڪشي پنهنجي فن ۾ مڪمل مهارت حاصل ڪري چڪو آهي.

واضح رهي ته اڪشي ڪمار ۽ روينا ٽنڊن گڏ ڪيترين ئي يادگار فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ”موهرا“، ”مين کھلاڙي تو اناڙي“، “کلاڙيون ڪا کلاڙي“، ”بارود“، ”قيمت“ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.

You might also like