ڪراچي( رپورٽر ) سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ 70 سيڪڙو غير قانوني هٿيار آن لائن اچي رهيا آهن، هاڻي توهان هڪ آن لائن آرڊر ڪريو ته توهان کي صبح جو پستول ملندو. سي ٽي ڊي انچارج چيو ته ڪراچي ۾ ڪچي کان به بدتر صورتحال آهي، ڪچي ۾ ايترا شهري نه مارجي ويا آهن جيترو ڪراچي ۾ شھري قتل ٿيا آهن هن انڪشاف ڪيو ته شهر قائد ۾ نه رڳو آن لائين پر ڪوريئرز مان به هٿيار هٿ ڪيا ويا، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪوريئر ڪمپني وٽ هٿيار ٻن حصن ۾ پهچندا آهن، جڏهن ته هٿيار پي ڪي کان بسن ۽ ٻين ذريعن ذريعي ڪراچي پهچندا آهن.