سجاول جوڻيجو ويجهو جهيڙو،هڪ ماڻهو قتل،8 زخمي

سجاول جوڻيجو (ن ع آ) سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ گلڻ جي وانڍ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان علي گل چانڊيو لاڙڪاڻي نيئندي رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏھن ته زمين جي مبينا مالڪي ۽ مبينا موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ تان ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو زخمين ۾ حبيب الرحمان، ھمٿ علي، محمود علي، منٺار علي، علي خان، دريا خان، صاحب خان ۽ راشد چانڊيو شامل آهن، جڏھن زخمين کي ميروخان اسپتال آندو ويو جتي ٻنهي ڌرين ۾ ٻيھر جھيڙو ٿي پيو،  فائرنگ ٿيڻ سبب ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي عملي ڊي ايس پي هائوس ۾ پناھ ورتي ٻئي پاسي ڊاڪٽرن اسپتال عملي سميت احتجاج ڪندي چيو ته  اسان کي سيڪيورٽي فراھم ڪئي وڃي، اسپتال جي چوديواري به ڊٿل آهي، اسان جي زندگي کي خطرا آهن،بعد ۾ زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.