ٽنڊو محمد خان ويجهو زميني تڪرار تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ٽنڊو محمد خان (ن ع آ ) ٽنڊو محمد خان جي  خميسو سٺيو ۾  زميني تڪرار تي پنهنجي ئي  مامي ميهار سٺيو ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي نوجوان ڀاڻيجي ڪريم بخش سٺيو کي ٿڏي تي قتل ڪرڻ  ڇڏيو آهي  قتل ٿي ويل نوجوان جو  لاش کي پوليس سرڪاري اسپتال پهچايو ، جتان ضروري ڪاروائي جي پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، وارثن لاش کي پنهنجي ڳوٺ آڻي سندن اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪري ڇڏي آهي قتل ٿيل نوجوان جيي وارثن موجب اسان جو مامي سان زميني تڪراڙ هلندڙ هو جنهن ڪري هن منهنجي ڀاء کي ڪهاڙيون جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي ٻئي پاسي تعلقي ٿاڻي جي پوليس قتل ۾ ملوث جوابدار مامي مهيار سٺيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر وارثن پاران اڃائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي تعلقي ٿاڻي جي وڏي منشي موجب پوليس پنهنجي جانچ ڪري رهي آهي پر جڏهن قتل ٿي ويل نوجوان جا وارث آيف آئي آر داخل ڪرائيندا ٿه وڌيڪ چانج ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.