حيدرآباد (رپورٽر) وومين ايڪشن فورم جي وفد امر سنڌو، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر حسين مسرت ۽ نجمه پنھور ۽ نسيم جلباڻي ڪالھ پريا ڪماري ڪيس جي مک جاچ آفيسر ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ کان ھيل تائين ٿيندڙ جانچ ۽ ڪيس جي باري ۾ اڳڀرائي متعلق تفصيل ورتا ويا. وومنز يڪشن فورم جي وفد ڪيس جي حوالي سان اڻ تصديق ٿيل سنسني خيز افواھن ،خدشن ۽ پريا ڪماري جي والدہ جي ڪردار ڪشي بابت پڻ پنھنجي تشويش جو اظھار ڪيو. ايس ايس پي امجد شيخ ھن وقت تائين ڪيل پوليس جي ،پريا ڪماري جي اغوا بابت مختلف رخن کان ڪيل تفتيش جا تفصيل ٻڌائيندي، سوشل ميڍيا تي گردش ڪندڙ سڀني افواھن کي رد ڪندي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِجيتوڻيڪ اميد ضرور ڏيکاري پر سندس چوڻ ھو ته پوليس اڃان تائين ڪنھن حتمي نتيجي تي ڪانه پھتي آھي نه وري پريا جي موجودگي جي باري ڪنھن ھنڌ جو تعين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آھي پر پوء به اميد نه لاھڻ گھرجي، اڃان تائين پريا جي زنده ھئڻ يا وري ڪنھن مخصوص جڳه تي موجود ھئڻ واريون سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرون محض قياس آرائين تي ٻڌل آھن. ھن پڻ پريا جي والدہ جي حوالي سان گردش ڪندڙ افواھن کي بي بنياد قرار ڏنو باقي ان پريا جي بازيابي جي امڪانن بابت سندس چوڻ ھو ته پوليس اڃان تائين ڪنھن نتيجي تي نه پھتي آھي. ٻئي طرف وفد پاران،محمود ملاح جي قاسم آباد جي بنگلي ۾ ٿيندڙ قتل بابت نشاندهي تي سندس چوڻ ھو ته محمود ملاح جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاھي ويئي آھي جيڪا تفتيش ڪري رھي آھي، پر ايف آئي آر ڪٽڻ ، پوسٽ مارٽم تائين پوليس مقتول جي وارثن سان گڏ بيٺل آھي