بدين(ڊر) لواري شريف جي رهواسڻ انا انڙ تي تشدد ۽ مبينا قتل جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو پوليس جي درخواست تي عدالت طرفان قبر تي پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم، لواري شريف سان تعلق رکندڙ عورت مسمات انا ڌيءَ غلام مصطفيٰ انڙ کي ڀاءُ صدام حسين انڙ طرفان ناحق باندي بڻائي تشدد ڪري قتل ڪري لواري شريف ۾ ڳجهه ڳوهه ۾ دفن ڪرڻ وارين خبرن توڙي ناري جو فوت ٿيڻ کان پھرين وڊيو بيان وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي بدين شيراز نظير معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ان ڏس ۾ ايس ايس پي جي حڪم تي ايس ايڇ او بدين محمود خان پٺاڻ طرفان سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ بدين ڀوپٽ راءِ جي عدالت ۾ داخل درخواست بعد عدالت پوليس کي فوتي عورت جي لواري شريف ۾ موجود قبر جي حفاظت لاءِ پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ جي حڪم سان گڏ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز حيدرآباد کي مقتول عورت جي پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد حوالي شريف جي قبرستان ۾ عورت جي قبر مٿان پوليس پهرو لڳايو ويو آهي