خير محمد آريجا (رپورٽ: سيد عطا محمد شاهه ) خير محمد آريجا لڳ ڪچي جي ڳوٺ جوان ٻرڙو ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار جو نبيرو، هڪ خون جي ڏنڊ جي رقم 30 لک رپيا مقرر ۽ زخمي جا 15 لک رپيا مقرر ڪيا ويا مجموعي طور ڌرين مٿان هڪ ڪروڙ 65 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ جواڻ ٻرڙو ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ اٽڪل پنجاه سالن کان هلندڙ زميني خوني تڪرار جو نبيرو (فيصلو) نئين گڏ ٻگهيا هائوس تي ٿي گذريو، محمد صديق ٻرڙو ۽ ٻئي ڌر لائق سڪندر ٻرڙو جي ڌرين جي ٿيل فيصلي ۾ پ پ اڳواڻ محمد علي امر خان ٻگھيو ڊاڪٽر عبدالفتاح ٻگهيو سميت ٻنهين ڌرين جي مشيرن اظهر علي خان ڪماريو ٻي ڌر جي مشير الطاف خان مشوري سميت ٻرڙا برادري جي چڱن مڙسن ۽ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، فيصلو ڪندڙ امين حزب الله خان ٻگھيو ٻنهين ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون جنهن ۾ ڌر هڪ صديق ٻرڙو جا راحب ٻرڙو عبدلاستار ٻرڙو ۽ غلام عباس قتل ٿيا هئا، جيڪي لائق ۽ سڪندر ٻرڙو واري ڌر مٿان خون ثابت ٿيا جنهن جو ڏنڊ في خون ٽيھه لک موجب 90لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ٻئي ڌر سڪندر ۽ لائق واري ڌر جا ٻه ڄڻا شبير ٻرڙو ۽ الله رکيو ٻرڙو جا خون صديق واري ڌر مٿان ثابت ٿيا جنهن جو ڏنڊ 60 لک رپيا رکيو ويو ۽ سڪندر ٻرڙي واري ڌر جا ٻه جڻا زخمي ٿيا هئا جنهن جو 15 لک رپيا في ماڻهو تحت 30 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، هوڏانهن صديق واري ڌر جو پڻ هڪ ڄڻو زخمي ٿيو هو جڏهن ته فيصلي ڪندڙ امين قتل ٿيل خونن جو حصاب آر پار ڪري باقي ڏنڊ واري رقم سڪندر واري ڌر صديق ٻرڙي واري ڌر کي ڏيندي جڏهن ته فيصلي ڪندڙ اوطاق جا پنج لک رپيا معاف ڪيا ۽ ٻنهين ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو ۽ آخر ۾ دعا خير پڻ گهري وئي هوڏانهن هلندڙ خوني تڪرار جي فيصلي تي علائقي جي ماڻهن ۽ ٻنهين ڌرين ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي.