حيدرآباد ۾ ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي، پوليس تي پٿراءُ، درجنين گرفتار، ڇڪتاڻ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير اهم شاهراهن تي نوجوانن پاران ون ويلنگ ۽ ريس ڪرڻ جي شڪايتن تي ڊي ايس پي ڪينٽ، مڪي شاهه ۽ جي او آر پوليس جي اڳواڻي ۾ ون ويلنگ  ۽ ريسنگ ڪندڙ نوجوانن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي, جنهن جي جواب ۾ نوجوانن به پوليس تي پٿراءُ ڪيو، پٿراء ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، پوليس درجنين نوجوانن کي حراست ۾ وٺي موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون. ڪينٽ قبرستان روڊ ۽ جي سي ڊي گرائونڊ روڊ تي وڏي پئماني تي ريسنگ جو سلسلو جاري هو، ان دوران پوليس اهلڪارن مختلف هنڌن تي روڊ بلاڪ ڪري ريسنگ ڪندڙ درجنين نوجوانن کي حراست ۾ ورتو ۽ سندن موٽر سائيڪلون تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيون، ڪارروائي دوران موقعي تي موجود نوجوانن ۽ تماشبينن مزاحمت ڪئي ۽  پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن سبب ڪينٽ ٿاڻي جو ھڪ اھلڪار زخمي ٿي پيو، جنهن تي وڌيڪ پوليس نفری طلب ڪئي وئي ۽ ون ويلنگ ڪندڙ 20 کان وڌيڪ نوجوانن کي گرفتار ڪري سندن موٽرسائيڪلون تحويل ۾ وٺي ڪينٽ ٿاڻي منتقل ڪيون ويون، اطلاعن موجب بعد ۾ حراست ۾ ورتل نوجوانن کي وارننگ ڏئي سندن مائيٽن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.