اتر سنڌ جي اجڙي ويل امن جي آکاڻي ڪنهن کي ٻڌايون..؟

تحرير: علي گل ڇڇر

اَبا! مُنھنجي پُٽ کي ڪُتا کائي ويا! اهي لفظ هئا تنگواڻي جي  شَھيد اُستاد الله رکيو نندواڻي جي پيرسن ماءُ جا جنهن جو نوجوان پٽ جهنم بڻيل اتر سنڌ جي ڪيٽي ۾ تعليم جي روشني پکيڙڻ جي جرم ۾ ڪنڌ ڪوٽ جي رهزنن هٿان بي ڏوھ ماريو ويو، مرڻ کان ڪجھه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي سندس هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ موٽر سائيڪل تي اسڪول ويندي هٿ ۾ بندوق کڻي ڊيوٽي تي ويندڙ فرض شناس استاد الله رکيو نندواڻي اهو چئي رهيو هو ته انتظاميا اسان جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي انڪري پنهجي حفاظت لاءِ  هن لائسنس  جي بندوق ورتي آھي، ڪجھه ئي ڏينهن بعد ڦورن جي مزاحمت تي ڪرمپور مگسي لنڪ روڊ هزارو شاخ وٽ هٿياربندن مٿن حملو ڪري گوليون هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو،

ويسر جي بيماريءَ جي مرض ۾ ورتل هن قوم کان شايد هاڻي فرانس ۽ يورپ جي ملڪن مان آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري سکر آئي بي اي ۾ پڙھائيندڙ اهو پروفيسر اجمل ساوند به وسري چڪو آھي جيڪو انگريز ملڪن جي شاگردن  کي فرينچ ٻولي سيکارڻ لاءِ  هتان ويهي ليڪچر ڏيندو هو ۽ اتان جي سرڪار کيس ڪلاڪن جي حساب سان انهن ليڪچرن جا پئسا ڏيندي هئي جيڪڏهن هو چاهي ها ته آمريڪا، فرانس يا يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ سٺي روزگار ۽ سٺي زندگي گذاري پئي سگهيو پر هن پنهجي علم کي پنهجي قوم جي قسمت سنوارڻ جو ذريعو سمجهي آئي بي اي سکر ۾ نوڪري حاصل ڪئي،  اجمل ساوند جو ڏوھ صرف اهو هو ته هو سندراڻي قبيلي جي مخالف قبيلي مان هو انڪري کيس ٽارگيٽ ڪندي قتل ڪيو ويو، اجمل ساوند جو قتل صرف هڪ فرد جو قتل نه هو پر هو پي ايڇ ڊي اسڪالر هو، انڪري هي سنڌ جي علم ۽ شعور جو قتل هو،

اسان کان ته هاڻي اتر سنڌ جو اهو بهادر صحافي جان محمد مهر به وسري ويو آھي جنهن بدامني جي ڀڙڪندڙ باھ وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن کان ٻيلن ۾ وڃي انٽرويو ڪيا ۽ سڄي زندگي معياري صحافت ڪئي، اتر سنڌ جي ڏوهارين جي اک جو ڪنڊو بنيل جان محمد مهر هڪ گهري رٿابندي کانپوءۡ رستي تان هٽايو ويو ۽ اسان ڪجھه ڏينهن احتجاج ڪري خاموش ٿي ويهي رهيا سين مگر اتر جو سرد توڙي گرم هوائون اڄ به کيس هڪ ارڏي انسان طور ياد ڪن ٿيون،

هونئن ته سنڌ مجموعي طور امن و امان جي بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهي آھي پر اتر سنڌ جا ڪجھه ضلعا جن ۾ شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ اهم ۽ نمايان آھن جتي ڏوهارين پنهجون اهڙيون ته مضبوط ڪيٽيون ۽ رياستون قائم ڪري ورتيون آھن جتي پوليس ۽ انتظاميه جي پھچ جهڙوڪر ناممڪن بنائي وئي آھي،ڏوهارين کي اهي جديد هٿيار ۽اسلحو ڪير ٿو پهچائي اهو به انتهائي غور طلب سوال آھي،

اتر سنڌ جي بدامني ۾ سنڌ جا اصل ڌرتي ڌڻي سنڌي واڻيا به سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آھن جيڪب آباد، گھوٽڪي، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ مان ڪافي سنڌي هندن پنهجا ڪاروبار وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن شھرن ۾ منتقل ڪري ڇڏيا آھن ۽ ڪجھه ته  پنهجو وطن ڇڏي لڏپلاڻ ڪري انڊيا هليا ويا آھن،،

پراڻي زماني ۾ ڌاڙيلن جا به ڪجھه اصول هئا اهي عورتن ۽ معصوم ٻارن کي اغوا نه ڪندا هئا پر هاڻي ته نه ننڍڙا ٻار محفوظ آھن نه عورتون..

اتر سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن ۽ ڏوهارين کي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ پٺيان سنڌ جي سردارن جو به وڏو هٿ آھي جيڪي امن، شعور ۽ علم جي روشني کي پکيڙڻ جا مخالف آھن اهي نٿا چاهين ته سنڌ ۾ امن ٿئي،تعليم ۽ شعور اچي ته ڪٿي ماڻھو سندن غلامي مان نڪري نه وڃن.

اتر سنڌ جي بدامنيءَ تي هڪ شاعر ۽ سوشل ايڪٽيوسٽ دوست جا ڪجھه وقت اڳ سوشل ميڊيا تي ويچار پڙھي آئون ته دنگ رهجي ويس پوءِ ان ڳالھه ۾ ڪيتري صداقت ٿي سگهي ٿي ان جي تصديق ته اتان جا ماڻھو ئي ڪري سگهن ٿا ان دوست لکيو هو ته ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ واري علائقي ۾ پوليس موبائل جو ٿورڙو نمونو تبديل ڪري ان ۾ انعام يافته ڌاڙيلن ويهاري انهن کي ھٿيار ڏنا ٿا وڃن ۽ پوءِ اهي ڪنهن سکئي ستابي کي روڪي، اغوا ڪري بند تائين پھچائن ٿا.

هن اهو به چيو ته قبائلي تڪرارن ۾ ڦاٿل ٻن ڌرين مان ھڪ ڌر جي انعام يافته ڏوھارين کي پوليس مڪمل سپورٽ ڪندي آ، جيئن ٻئي ڌر ۾ موجود ڌاڙيلن کي مارائجي يا ٻنھي ڌرين کي پاڻ ۾ ويڙھائجي جيئن بدامني کي قبائلي جھيڙو چئي سگهجي.!  ۽ هن جو اهو به چوڻ هو ته بيروزگار ماڻھو ڪچي وارن کان سو سٺي رقم وٺي، ماڻھو اغوا ڪري ڪچي ۾ پھچائن ٿا،

هن چيو ته ڪچي جا ڌاڙيل اڪثر سنگت جون دعوتون ڪندا آھن. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ پڪي جا اشراف، ۽ پوليس اهلڪار کان آفيسر تائين سڀ شرڪت ڪندا آھن .

ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ڊيزل جا ڊرم ۽ بارود پهچائڻ جو ڪم اسان جي پياري پوليس ڪندي آھي اهي ۽ اهڙيون ڪيئي ڳالهيون جيڪي اتر سنڌ ۾ امن و امان ۽ پوليس ۽ سردارن جي ڳٺ جوڙ بابت آھن ٻڌي ڏندي آڱريون اچي ٿيون وڃن،

سنڌ جي ماڻھن سڄي تاريخ ۾ جتي ٻاهرين حمله آورن سان مقابلو ڪيو آھي اتي اندروني طاقتن ۽ ظلم سان به جهيڙيو ۽  مزاحمت ڪئي آھي، انڪري گهٻرائڻ جي بدران اسان کي سنڌ اندر هٿرادو پيدا ڪيل هن بدامني ۽ ڏوهاري مافيا کي منظم ڪندڙ هٿن ۽ چهرن کي سڃاڻڻو ۽ وائکو ڪرڻو پوندو ، هن وقت سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي ڪير ٿو پالي ۽ انهن جي لڪل ۽  ظاهري مدد ڪيرٿو ڪري اها ڳالھه هاڻي لڪل ناهي رهي،

اسان جو بس هڪ ئي مطالبو آھي ته سنڌ کي امن موٽائي ڏيو جيئن اسان پنهجي سنڌ ۾ ڏينهن رات بنا خوف خطري جي گهمي ڦري ۽ واپار ڪري سگهون، سنڌ جي امن ۽ ترقي خاطر اسان جي حڪومت کي ڪو بي رحم آپريشن ڪرڻو پوي ٿو کيس دير نه ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي امن خاطر ڪچي جا ٻيلا ٻاري ساڙي ڇڏيو ۽ ڏوهارين جا ويڙھا وٿاڻ ساڙي ڇڏيو سنڌ جا ماڻھو اوهان جي اهڙي عمل جو خير مقدم ڪندا،  سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اتر سنڌ جي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سردارن کي به ڏوهارين سان ڳٺ جوڙ جي جرم ۾ مٿن ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي مٿن فوجداري مقدما قائم ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن، نواز شريف ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري سنڌ ۾ امن ڪرائي سگهي ٿو ته پوءِ اسان جي ووٽن تي چونڊيل حڪومت تي ڇا اهو فرض نٿو لاڳو ٿئي ته هو پنهجي ماڻھن کي امن و امان جي زندگي مهيا ڪري ڏئي،جيڪڏهن اوهان سنڌ جي چند ڏوهارين مان پنهجي عوام جي جند آجي نٿا ڪرائي سگهون ته پوءِ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڳالهھ محض دوکو ۽ فراڊ هوندي،  هن وقت پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي ۽ ڊگهي عرصي کان حڪومت سندن حصي ۾ رهندي پئي اچي ته پوءِ آخر اسان سنڌ جي ماڻھن ڪهڙو ڏوھ ڪيو آھي جو اسانکي جي نصيب ۾ پاڪستان جي ٻين صوبن پنجاب ۽ خيبرپختونواھ جهڙي ترقي ته لکيل نه آھي پر اسان لاءِ  امن جا در به بند ڪيا ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.