”تماشو ختم ٿيندو، تھ ڇا اسين وکري وينداسين“ ؟ اھڙا نوان ڪردار شامل ٿيا آھن جو ڪهاڻي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار بڻجي وئي آھي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جو سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن ڏانھن موڪليل خط ڀونچال پئدا ڪيو ؟ ڪل وقت عمران خان جي سوشل ميڊيا برگيڊ خط جي آڙ ۾ عدالتي نظام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو. خط جي مواد سان اصولي اتفاق آھي ته 6 ججن جو موقف زميني حقيقتن جي عڪاسي ڪري ٿو. هڪ ڊگهي وقت کان ايجنسين جي مداخلت مملڪت کي گھائل ڪري ڇڏيو آهي. پسند جي ججن جي بينچ ٺاهڻ جو رواج به قديم زماني کان رائج آهي، اجھو ھاڻي قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي حد تائين ان جو تدارڪ ڪيو آھي.
ججز جي خط چيف جسٽس آف پاڪستان کي ملڻ کان اڳ ڪمپني جي مشھوري جي لاءِ ميڊيا حوالي ڪرڻ، نيتن تي سوال اٿاري ڇڏيو. خط جي منظر عام تي ايندي ئي چيف جسٽس آف پاڪستان جو رد عمل مثالي هو. 6 ججن سان ملاقات، فل ڪورٽ ميٽنگز، وزيراعظم سان تڪڙي ملاقات ۽ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ ،سڀ ڪجهه اک ڇھنب ۾ ڪري وڌو. حڪومت انڪوائري ڪميشن ٺاهي ته جسٽس تصدق جيلاني خوشيءَ سان راضي ٿي ويو. پر بعد ۾ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا برگيڊ جي گاريون نھ سھندي معذرت ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ٺهيل ڪميشن،بڻجي ڪري مرجھائجي وئي.تنگ آمد بجنگ آمد، سپريم ڪورٽ 184 (3) تحت پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ 7 رڪني بينچ پهرين ڏينهن ئي پوڻا 2 ڪلاڪ ٻڌڻي ڪئي.جنھن ۾ سڦلائتي گفتگو ڪئي. ارادو اھڙو پڪو ڏيکاريو ويو تھ معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ٻڌڻي دوران قاضي صاحب سوشل ميڊيا جي دٻاءُ جو ذڪر ڪندي چيو ته ”تصديق جيلاني صاحب جي معذرت ان دٻاءَ جو نتيجو هئي“. قاضي صاحب بنفس نفيس ان دٻاءُ ۾ نظر آيو، شايد اهو ئي سبب آهي جو کيس ڪوڙي پروپيگنڊا تي بار بار وضاحت ڏيڻي پئي. ڪل اعتراض، مان ذاتي طور تي چيف جسٽس جو ٿورائتو آهيان ته 8 فيبروري 2024ع جي اليڪشن جو سھرو قاضي عيسيٰ جي سر تي ٻڌڻو پوندو. قاضي صاحب جڏهن عهدو سنڀاليو آھي ته شد و مد سان ھڪ ڳالھھ تسلسل سان ورجائي پڻ ”اليڪشن ضرور ٿيندي ۽ ٿي بھ وئي آھي“.ججن جو خط ٻن حصن تي ٻڌل آھي، ھڪ حصو ايجنسين جي مداخلت جي شڪايت آھي. جڏھن تھ ٻيو حصو چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي عدالتي معاملن کي مخصوص انداز ۾ هلائڻ آهي. خط موجب، اهي ئي جج 2 مئي 2023ع تي چيف جسٽس بنديال سان سندس گهر وڃي مليا ۽ اهي ئي شڪايتون ڪيون پر بي نتيجا رھيون.ضروري سوال اهو آھي ته جنھن دٻاءُ تي واويلا مچائي پئي وڃي.ان جي شروعات ڪٿان کان ٿي آھي ؟ 2014ع کان هلندڙ اٿل پٿل تي بحث ڪرڻ کان سواءِ ڪو به معاملو نتيجن ڀريو نھ رھندو.” خط ۾ ججن صلاح طلب ڪئي آهي ته جيڪڏهن ايجنسيون رابطو ڪن ته ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ چيف جسٽس آف پاڪستان جو سوال ھو ته ”توهين عدالت ڇو نھ لڳائي وئي ؟“ڪجهه سال اڳ ساڳين ئي ججن مان هڪ مشهور جج شوڪت صديقي تي تنقيد ڪندي فرمايو ھو تھ ”جسٽس صديقي تقرير بدران جنرل فيض جي توهين عدالت لڳائي ها“، حيرت آھي! ن عمل کان پاڻ کي محروم رکيو. اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءُ جو روئڻ رنو پيو وڃي، حقيقت ۾ هن وقت عدالتي نظام بقلم خود سوشل ميڊيا جي دٻاءُ هيٺ هلي رهيو آهي.
هڪ ٻيو مثال خدمت ۾ حاضر آھي، ميڊيا جي هڪ سينيئر ۽ نامور دانشور ٻڌايو ته سندس ٻارن زور ڀريو ته ”توهان پنهنجي پروگرامن ۾ عمران خان تي تنقيد نه ڪريو، سوشل ميڊيا تي توھان خلاف گندي ۽ بازاري ٻولي اسان جي دل آزاري ٿئي ٿي“. نامور دانشور ٻارن کي جواب ۾سمجهايو ته ” ڪڏھن بازاري ماڻهن جي دٻاءَ ۾ اچي پنهنجي اصولي موقف تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪريو“. بدقسمتيءَ سان، جڏهن اسٽيبلشمينٽ هن ارڙ بلا کي تڪميل تي پھچايو تھ سڀ کان پهرين ان کي سوشل ميڊيا جي خطرناڪ هٿيارن سان هٿياربند ڪيو. اڄ ڪلهھ اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي سمورن مخالفن جي عزت ۽ وقار ان هٿيار جي حملن هيٺ آهي. ذاتي طور تي خبر آهي ته عمران خان کي سوشل ميڊيا جي زبان ۽ بيان جي چاشني سان دل جي سڪون حاصل ملي ٿو.اھو هميشه خوشي سان حوصلا افزائي ڪري ٿو.
آخري خبرون اچڻ تائين انصافي سوشل ميڊيا دٻاءُ جي مقابلي ۾ ايجنسين جو دٻاءُ ننڍڙو ٻار آھي. جسٽس تصدق جيلاني جي عهدي جي قبوليت بعد ان کان معذرت ڪرڻ شايد ايجنسين جي دٻاءَ هيٺ ممڪن نه ھجي ھا اهو دٻاءُ جو ئي ڪمال آھي ته عدليه عمران خان جي رحم ڪرم تي آهي، فل بينچ طلب ڪئي تھ ملي وئي.سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا آڏو سمورو نظام گوڏا ٽيڪي چڪو آهي.خط جو نفسياتي جائزو وٺون ٿا ته اڪثر ماڻهو سوشل ميڊيا جي دٻاءُ تي سماج ۾ باعزت مقام حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ آهن. خط ۾ قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس شوڪت صديقي جي معاملي کي بنياد بڻايو ويو آهي، پڇاڻو ڪري سگهجي ٿو ته 2015ع کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ٿيندڙ جج ۽ بينچ تي جسٽس شوڪت صديقي جا ان وقت يار و مددگار ڇو نه بڻيا؟ جسٽس صديقي جو ريفرنس ئي خط جو بنياد آهي. ته پوءِ اهڙا جج 2018ع يا 2023ع ۾ حريت جو سامان ڇو نھ بڻجي سگهيا؟
شوڪت عزيز صديقي کي جنھن بيان تي ڪڍيو ويو ان جو سبب ڇا ھو ؟ اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ هو تھ نواز شريف کي جڏھن سزا ٿئي تھ ھاءِ ڪورٽ رليف نه ڏئي، نھ تھ اسان جي يعني اسٽيبلشمينٽ جي محنت زيان ٿي ويندي. بقول جسٽس صديقي ” اسٽيبلشمينٽ نوازشريف کي 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن کان اڳ ڳري سزا سان جيل ۾ رکڻ جي خواھشمند ھئي. يقينن، 2018ع جي اليڪشن ۽ نواز شريف ڪيسن کي بحث هيٺ آڻڻ کان سواءِ، جيڪو نتيجو نڪتو، اهو ساڳيو ئي رهندو. 2024ع جي اليڪشن 2018ع جي ڪاربان ڪاپي ئي تھ هئي. وڌيڪ اھو تھ اسٽيبلشمينٽ 7 سال قاضي فائز عيسيٰ تي قيامت برپا ڪري رکي، عمران خان قدم قدم تي ڏوھ ۾ شامل رھيو. قاضي فائز عيسيٰ تي زندگيءَ تنگ ڪئي وئي.
قاضي صاحب جي بيگم صاحبه ايف بي آر،جي غلام گردشن ۾ ڌڪا کائيندي نظر آئي. قاضي عيسيٰ، شوڪت صديقي ۽ جسٽس وقار سيٺ (پراسرار حالتن ۾ فوت ٿيو) ٽنھي تي جڏھن قيامت برپا ھئي تھ بيشمار ججن جو ”ضمير“ ستو پيو ھو.ڪاش ! ڀائو ضمير اھڙن ججن کي ان وقت محب وطن ٿيڻ جي ترغيب ڏئي ھا.
هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ معاملو هٿ ۾ کڻي ورتو آھي. شرطيھ پنڊورا باڪس کلڻ وارو آهي. سپريم ڪورٽ جڏھن هن ڪيس کي اڳتي وڌائيندي، تھ لازمي طور تي گذريل 10/12 سالن جو احاطو ڪرڻو پوندو. سپريم ڪورٽ پنھنجي ججن تي ٻڌل ڪميشن بڻائي ۽ سمورين ڌرين کي سچ ڳالهائڻ تي مجبور ڪري. جيڪي جرنيل، جيڪي جج، جيڪو سياستدان سچ نھ ڳالهائي، ان کي غلط اکر وانگر مٽايو وڃي. پليز! قاضي صاحب ڪري ڇڏيو اھو ئي ملڪي سلامتي جو واحد رستو آهي. نھ تھ دکي دل سان عرض ڪندس ته جيئن جيئن 6 ججن جو ڪيس اڳتي وڌندو، تيئن تيئن رياست وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسندي. ايندڙ ڪجهه مهينا دل کي ڌڙڪائڻ وارا آھن. مملڪت جا بنياد ڌوڏڻ وارا آھن منھنجو خدشو آھي تھ گھڻو ڪجھه مٽڻو آھي.جيڪڏھن ڪجھه باقي بچيو اھو ناڪافي رھڻو آھي.