پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي ترجمان ڪورڪ ڪمانڊر هائوس ۾ خيبرپختونخواهه ڪابينا جي اجلاس تي ردعمل ڏنو. ترجمان اي اين پي زاهد خان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ڪابينا جي اجلاس جي خبر تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي آهي، پختون خواه ڪابينا اجلاس بابت وضاحت ڏيو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته آرمي چيف کي نظر رکڻ گهرجي ته ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ملاقات ڪيئن ٿي، تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته ڪابينا جو اجلاس ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ٿيو هجي. اي اين پي جي ترجمان چيو ته تحريڪ انصاف ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ڪابينا جي اجلاس جي ڪا به ترديد نه ڪئي.