ججن کي ڌمڪين وارا خط پهچڻ جي جاچ جو اعلان، آءِ ايم ايف شرط آسان ناهن : وزيراعظم

اسلام آباد ( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ججن کي ملندڙ ڌمڪي جوڳن خطن جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ججن کي شڪي خط ملڻ جي  جاچ ٿيندي، ججن کي پهچندڙ خطن ۾ شڪي پائوڊر تي جاچ جاري آهي، حڪومت پوري ذميواري سان معاملي جي جاچ ڪرائيندي. هن چيو ته هي سنجيدا معاملو آهي جنهن تي سياست بدران ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. وزيراعظم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن طرفان لکيل خط بابت چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل ملاقات جي روشني ۾ ڪابينا جي منظوريءَ سان انڪوائري ڪميشن ٺاهي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي مشاورت ۽ اجازت سان انڪوائري ڪميشن نوٽيفاءِ ڪئي، بعد ۾ جسٽس تصديق جيلاني انڪوائري ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هاڻي سپريم ڪورٽ معاملي تي پاڻمرادو ڪارروائي ڪري رهي آهي، ڪالهه سپريم ڪورٽ ان معاملي جي ٻڌڻي ڪئي آهي، اسان پنهنجي ذميواري نڀائي، بال هاڻي عدالت جي ڪورٽ ۾ آهي. معيشت بابت وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪي معيشت استحڪام ڏانهن وڌي رهي آهي، معاشي انگ اکرن ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ هوريان هوريان گهٽتائي اچي رهي آهي، معاشي استحڪام سان ئي غربت جو خاتمو ممڪن آهي، غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف وٽان ايندڙ قسط ملي ويندي جڏهن ته آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام لاءِ ناڻي واري وزير جي گڏجاڻي ٿيندي. آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ شرط آسان نه هوندا، پر پروگرام معيشت جي بحالي لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي خانگائڻ جي شيڊيول تي مڪمل عملدرآمد ٿيندو، هوائي اڏن واري معاملي تي ترڪ ڪمپني جو وفد پاڪستان ايندو. سندس چوڻ هوته امڪاني سيڙپڪاڙن کي پاڪستان آڻڻ جو طئي ڪيو هو، هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ جو ڪم جاري آهي، ڪراچي ۽ لاهور جي ايئرپورٽن کي عالمي معيار جون سهولتون متعارف ڪرايو وينديون.  وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته هن داسو ۾ چيني انجنيئرن سان ملاقات ڪئي ۽ کين تسلي ڏني، چيني وفد به اچي ساڻن ملاقات ڪئي، چينين جا لاش چين پهچايا ويا. وزيراعظم چيو ته چينين جي سيڪيورٽي لاءِ فول پروف پروگرام تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، صوبن جي سهڪار سان چينين جي سيڪيورٽي لاءِ فول پروف پروگرام ٺاهينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.