واشنگٽن(م ڊ) 4 اپريل 1979ع تي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي جي خبر ڏيندي آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ اڳوڻي وزير اعظم جي شاندار شخصيت جو ذڪر ڪندي اهو به لکيو ته گذريل ڏينهن ۾ هو هڪ هاريل شخص وانگر نظر آيو، هو سڪي چڪو هو، اخبار ڀٽو تي تشدد جو به خدشو ظاهر ڪيو ۽ اهو به ٻڌايو ته ضياءُ الحق حڪومت ڀٽو جي ڦاسي جي خبر کي ڇو لڪايو.اخبار جيل جي فوجي اهلڪارن جي گهيري۽ ٻن صحافين جي گرفتاري جو به ذڪر ڪيو آهي. 45 سال اڳ جا اهي واقعا آمريڪي اخبارن ۾ ڪنهن حد تائين غير جانبداريءَ سان رپورٽ ٿيا هئا.واشنگٽن پوسٽ جي نمائندي پيٽر نيزيونڊ جي ڪيل رپورٽنگ موجب ”پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي اڄ صبح کان ٿورو اڳ راولپنڊي جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي. ان عمل سان سندن قسمت جو ڊگھو ڊرامو ختم ٿي ويو ۽ هاڻي وڏي پئماني تي بدامني ۽ عدم استحڪام جو خطرو آهي.51 ورهين جي ڀُٽي کي سياسي مخالف جي قتل جي سازش ڪرڻ جي الزام ۾ چئن ٻين جوابدارن سان گڏ موت جي سزا ٻڌائي وئي، پر پوءِ ڪيتريون ئي اپيلون داخل ڪيون ويون ۽ عالمي اڳواڻن پاڪستان جي فوجي صدر جنرل ضياءَ کان معافي جي اپيلن باوجود موت جي سزا تي عملدرآمد ۾ اذيت ناڪ حد تائين ڪيترن ئي مهينن جي دير ٿي،چونڊ ڌانڌلين جي الزام ۾ ٻه سال اڳ فوج هٿان برطرف ڪيل ڀٽو کي ملڪ جي ٻهراڙين ۾ غير معمولي مقبوليت حاصل آهي،، جيڪا سندس 1971ع کان 1979ع تائين جي شاندار ۽ طلسماتي طرز حڪمرانيءَ جو نتيجو آهي. ڀٽو جي ڦاهي سان سڄي ملڪ ۾ پرتشدد واقعن جو امڪان آهي،اخبار وڌيڪ لکيو تهجيڪڏهن پاڪستان بدامني جي هڪ شديد دور ۾ ڌڪيو ويو ته اهو جزيرا نما عرب کان ايران ۽ افغانستان تائين جي خطي ۾ غيرمعمولي شورش جو شڪار ٿيندڙ هڪ ٻيو ملڪ هوندو،ڀٽو کي هڪ ڳجهي فوجي ڪارروائي ۾ ڦاهي ڏني وئي ۽ ڦاهي ڏيندڙن کان سواءِ رڳو ڀٽو جي زال ۽ ڌيءَ کي اطلاع ڏنو ويو. ٻئي عورتون ڪيترن ئي هفتن کان گهر ۾ نظربند آهن،اخبار لکيو ته ڀٽو جي زال نصرت ڀٽو ۽ ڌيءَ بينظير ڀٽو کي ڪالهه ٽن ڪلاڪن تائين ڀٽو سان ملاقات جي اجازت ڏني وئي ۽ سفارتي ذريعن ٻڌايو ته اها ڀٽو سان سندن آخري ملاقات هئي.ڀٽو صاحب جي ڊگھي ٽرائل ۽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران پاڪستان ڇڪتاڻ ۽ افواهن ۾ گھريل هو. تيز طرار۽ جوشيلي مزاج واري ڀٽو جي معاملي ۾ گهڻو ئي ماڻهو غيرجانبدار رهيا آهن، هن جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ميمبر، سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ ٻهراڙي ۾ هن جا حامي ۽ طرفدار هن سان گڏ بيٺل رهيا، ڀٽو صاحب جي سوين حامين کي بدامني جي خوف سبب جيلن ۾ وڌو ويو، آمريڪي صدر جمي ڪارٽر، سعودي عرب جي فرمانروا خالد بن عبدالعزيز، برطانوي وزيراعظم جيمز ڪيليگن،چين جي وزيراعظم ڊينگ زيائو پنگ ۽ ٻين عالمي اڳواڻن پاران رحم جي اپيلن باوجود جنرل ضيا ڪو اثر کان بغير پنهنجي موقف تي قائم رهيو
-
ججن کي خط: پوسٽ باڪسز وٽ لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرا خراب
اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي شڪي خطن جي معاملي جي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته پوسٽ باڪس جي چوڌاري لڳل اڪثر سي سي ٽي وي ڪئميرائون خراب آهن. ذريعن موجب اسلام آباد جي سي ٽي ڊي پوليس ججن کي مليل شڪي خطن جي معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي جاچ ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو آهي. ريعن موجب سب ڊويزنل پوسٽ آفيس سيٽلائيٽ ٽائون راولپنڊي جي حدن ۾ لڳل پوسٽ باڪس جي چوڌاري لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائون خراب آهن. جنهن بعد پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، علائقي ۾ ۾ موجود دڪانن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کان به جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته پوسٽ آفيس جي سموري عملي کان به جاچ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته پهريان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججن کي شڪي خط مليا هئا، جنهن کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان سميت سپريم ڪورٽ جي ججن کي به شڪي خط مليا هئا.
-
وفاقي سرڪار پاران کنڊ برآمد ڪرڻ جو مطالبو رد
اسلام آباد(م ڊ) حڪومت کنڊ برآمد ڪرڻ جي شگر ملز ايسوسي ايشن جي درخواست رد ڪندي پيداوار ۽ استعمال جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وفاقي وزير چيو آهي ته پهريان کنڊ جي مقامي گهرج پوري ڪئي ويندي ۽ پوءِ ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني ويندي. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير جي صدارت هيٺ شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کنڊ برآمد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ شگر مالڪن 15 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، شگر مل مالڪن پهرين مرحلي ۾ 5 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت گهري.