ڪراچي(رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي ته حڪومت کان ڌار ٿي سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم اهم اشوز تي سياست ڪري ٿي، وڏو وزير مراد علي شاهه ٻڌائي ته ڪراچي جو ميئر ڪيترو بااختيار آهي، مڪاني ادارن جي نمائندن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ گذريل 3 مهينن دوران 50 بيگناهه شهري مارجي چڪا آهن، گهرو وزير ڳالهيون ڪري مذاق نه ڪري، ايترا قتل ڪنهن ٻئي هنڌ ٿين ها ته آپريشن جو مطالبو ڪيو وڃي ها. هن چيو ته پ پ جي حڪمراني کي 16 سال ٿي ويا آهن، جن کي اي ايس آءِ ڀرتي ڪيو ويو هو، اهي هاڻ ڊي ايس پي بڻجي ويا آهن، پوليس امن امان ڪرائڻ بدران عيد خرچي وٺي رهي آهي. فيصل سبزواري چيو ته گورنر جي تبديلي غور هيٺ نه آهي، اميد آهي ته فيصل واوڊا منهنجي نالي جو ڀرم رکندو.