ڪرم پور ڀرسان اغوا ٿيل 4 مغوين جي آزادي لاءِ پهوڙ برادري ۽ شهرين جو ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪرمپور  ڀرسان ناپرڪ جي حد ڪرمپور لاڙي ۽ پير بخش شجراه واري علائقي مان ڪجھ هفتا اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڳوٺ الهورايو پهوڙ واسي ٿريشر جي ڪاريگرن عمران پهوڙ، چنيسر پهوڙ، پيربخش شجراهه واسي بشير پهوڙ ۽ ثناءُ الله سومرو کي حد جي ناپرڪوٽ توڙي ضلعي شڪارپور پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي مغوين جي آزادي لاءِ وارثن پهوڙ برادري  ۽ شهرين پاران جاني پهوڙ، نوراحمد پهوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪرمپور لاڙي تي روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، پهوڙ برادري جي 3 ڪلاڪ جاري رهندڙ ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان مسافر گاڏين جون حد نظر ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ملڪ جي چئني صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته عمران ۽ چنيسر پهوڙ کي 3 هفتا اڳ  ۽ بشير پهوڙ کي مهينو اڳ ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، ناپرڪوٽ پوليس مغوين کي آزادد ڪرائڻ بدران سکڻا آسرا ڏيئي رهي آهي، نوٽيس ورتو وڃي، ڊي ايس پي قلندر بخش ڌرڻي واري هنڌ پهچي مغوين جي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائڻ بعد مظاهرين کان ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرائي ٽرئفڪ جي رواني کي بحال ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.