ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڦر دوران 50 شهري قتل ٿي چڪا آهن،ڪالهه هڪ ٻئي واقعي ۾ شهري ڦر دوران قتل ٿي ويو، ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڦر دوران قتل جي اڌ سينچري مڪمل ٿي وئي آهي.ايس ايس پي ايسٽ موجب تازو واقعي ۾ ڦورن امجد کي نشانو بڻايو آهي جيڪو رقم کڻي گلش معمار ۾ بئنڪ مان نڪري رهيو هو.رپورٽ موجب موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿيل امجد اسپتال پهچڻ تي فوت ٿي ويو.پوليس اختيارين موجب فائرنگ ۾ امان الله نالي هڪ شخص پڻ زخمي ٿي پيو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.