ڪراچي(رپورٽر)گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ڪراچي جي ڊفينس پوليس اسٽيشن ۾ 9 هين ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو افتتاح ڪيو. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته هي سٺو قدم آهي، شهر جي هر پوليس اسٽيشن ۾ هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ اضافو خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ گهرجي.گورنر سنڌ چيو ته جوابدار علي رهبر کي ڦرلٽ ۾ مزاحمت ڪرڻ تي قتل ڪرڻ جهڙو واقعو افسوسناڪ آهي.