ڪراچي(رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي ۾جيستائين مقامي پوليس جو تصور ۽ نظام قائم نه ڪيوويندو، ڏوهن تي ڪنٽرول ۽ شهري جي جان ۽ مال کي تحفظ نه ملندو، ڪراچي پوليس ۾ مقامي ماڻهن کي اوليتي بنيادن تي ڀرتي ڪيو وڃي ۽ ڪارين رڍن کي نيڪالي ڏني وڃي، صوبائي گهرو وزير ضاالحسن لنجار ڪراچي ۾ ڏوهن کي وڌائي پيش ڪرڻ جو بيان واپس وٺي ۽ عوام کان معافي وٺي، ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن کي سنڌ حڪومت جي ڀٺڀرائي آهي، ڪراچي ۾ هٿياربندن ڦرن ۾ رڳو رمضان ۾ 10 شهري پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته هلندڙ سال 49 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻيا، وڌندڙ مهانگائي، گئس، بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جماعت اسلامي عوام کي ڌاڙيلن، سندس سرپرستن ۽ جعلي مينڊيٽ واري حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏيندي، عيدالفطر کان پوءِ فارم 47 جي پيدوار زبردستي مڙهي وئي، حڪومت ۽ جعلي مينڊيٽ جي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي،