جيڪب آباد (رپورٽ: چيف حضور بخش سومرو ) جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ بھادرپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڪٽوهر ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب قاسم جمالي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي سول اسپتالجيڪب آباد آندو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول جي ڀاءُ ياسين جمالي صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ جي پويان نلڪو لڳل آهي جتي اسين پاڻي ڀرڻ وياسين ته ڪٽوهر برادري جي ماڻهن مراد ۽ اسرار ڪٽوهر اسان مٿان سڌيون گوليون هلايون ، نتيجي ۾ منهنجي ڀاءُ قاسم جمالي کي مٿي ۾ گولي لڳي ۽ هو قتل ٿي ويو، قاسم جمالي جي قتل خلاف وارثن عورتن توڙي مردن راجا پمپ وٽ لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي.