سنڌ اسيمبلي ۾ ٽن نون ميمبرن جي حلف برداري، امن امان صورتحال تي التوا رٿ پيش

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاھھ جي صدارت  ھيٺ ٿي گذريو. 12 وڳي منجھن شروع ٿيڻ وارو اجلاس ڏيڊ ڪلاڪ دير سان ٻي وڳي منجھند جو پھريون سيشن شروع ٿيو. سنڌ اسيمبلي جي ٽن نون چونڊيل ميمبرن قسم کڻي ورتو آهي. اسپيڪر اويس قادر شاهه ايم ڪيو ايم جي ٻن عورت ميمبرن فوزيه حميد ۽ مسرت جبين جي حلف برداري کانپوءِ اجلاس 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. جڏهن ته ٻئي سيشن جو اجلاس پراڻي بلڊنگ ۾ ٿيو، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي نون چونڊيل ميمبر زبير جوڻيجو کان قسم کڻايو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ امن امان جي صورتحال تي ايم ڪيو ايم طرفان التوا واري رٿ جمع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ علي سهريءَ طرفان اسپيڪر کي درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.سنڌ اسيمبلي جو ايوان اليڪشن ڪميشن حوالي ڪيو ويو، جتي سينيٽ جي 12 سيٽن لاءِ چونڊون  اڄ بروز اڱاري تي صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ٿيندي.

  1. 9 اپريل تي عيد الفطر جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان آهن: موسميات کاتو

ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي پاران اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ 9 اپريل تي عيدالفطر جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان آهن، نئين چنڊ جي پيدائش 8 اپريل رات 11 لڳي 21 منٽن تي ٿيندي، جڏهن ته 9 اپريل تي چنڊ جي عمر 19 کان 20 ڪلاڪ ٿي ويندي، سج لٿي کان پوءِ چنڊ نظر اچڻ جو وقت 50 منٽ کان وڌيڪ هوندو، جنهن سبب 9 اپريل تي عيدالفطر جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان آهن، موسيميات کاتي ٻڌايو ته  آهي ته 9 اپريل تي ملڪ جي گهڻن  هنڌن تي آسمان صاف رهڻ جو امڪان آهي، پري علائقن ۾ موسم جهڙالو ٿي سگهي ٿو، 9 اپريل تي چنڊ نظر اچڻ تي عيدالفطر 10 اپريل اربع تي ملهائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.