لاپتا ماڻهن جي مسئلي کي حڪومت ملڪي قانون تحت حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي:وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي تنظيم وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز چيو آهي ته حڪومت گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو ملڪي قانون تحت حل ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي. تنظيم جي چيئرمين نصرالله بلوچ ۽ ماما قدير بلوچ ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت جي غير  ذميواري سبب جبري گمشدگيون جاري آهن، ميڊيا تي ناڪاري مهم هلائي پئي وڃي. هنن چيو ته حڪومت طرفان اها پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس حملي ۾ مارجي ويل ڪرم جان جو نالو گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪريم جان جو نالو وائس فار بلوچ مسنگ پرسن سميت ڪنهن به تنظيم جي گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ناهي. هن چيو ته ڪريم جان 23 مئي 2022 تي غائب ٿيو ۽ کيس 31 جولاءِ 2022 تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ڌماڪيدار مادو رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو ۽ 17 آگسٽ 2022 تي عدالت جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته ڪريم جان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ سندس خاندان سميت ڪنهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته هو گم آهي ۽ نه ئي سندس نالو ڪنهن تنظيم جي گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن حڪومت گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي نه ڏيکاري ته عيد کانپوءِ احتجاج جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.