پاڻي نه ڇڏڻ سبب ڪوٽڙي وٽ سنڌو زهريلو هجڻ جي تصديق، وڏي سانحي جو خدشو

ڪراچي( رپورٽر) ڪوٽڙي بيراج وٽ پيئڻ جو پاڻي  خطرناڪ حد تائين زهريلو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.  مهراڻ انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي يونيورسٽي ليبارٽري جي رپورٽ آبپاشي ۽ واسا کي ننڊ مان سجاڳ ڪرڻ جو الارم ڏئي ڇڏيو آهي، پاڻي زهريلو ٿيڻ سان حيدر آباد، بدين ۽ ٺٽي جي آبادي لائف رسڪ تي اچي وئي آهي، پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس   جي ويليو 5 کان ٽپي 610 ايم جي ايل ٿي وئي آهي. آبپاشي کاتي 2005ع جي سانحي ۾ سوين موت  کي وساري ڇڏيو آهي. واسا اکيون بند ڪري پاڻي شهر ۾ سپلائي  جاري رکي  آهي، صوبائي وزير ڄام خان شورو به صورتحال تي خطري جي گهٽجي وڃائي ڇڏي آهي، سکر بيراج مان وڌيڪ پاڻي ڪوٽڙي بيراج ڇڏيو ويندو، جڏهن ته  پاڻي ۾ اضافي تائين شهر ۾ پاڻي  سپلائي جو متبادل ڇا هوندو، ان حوالي سان واسا ۾ مڪمل خاموشي ڇانيل آهي، انتهائي غير معمولي رپورٽ اچڻ جي باوجود واسا، ميونسيپل ڪارپورِشن ۽ ضلعي انتظاميا چپ ڪري ورتي آهي، ڄام خان شورو منڇر  ڍنڍ جو پاڻي بند ڪرڻ  جو حڪم  ڏيندي چيو ته ٽي ڊي ايس وڌڻ تي پاڻي کي اوٻارڻ سان ڪو فرق نٿو پوي، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس گهٽائڻ لاءِ اضافي پاڻي شامل ڪرڻ ضروري آهي.  سنڌو درياهه جو پاڻي زهريلو ٿيندو پيو وڃي، آبپاشي وزير شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو. سنڌ جي خوراڪ ۽ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس (ٽٽل ڊسلوڊ سولڊس) وڌي رهيو آهي، جنهن سبب پاڻي زهريلو ٿي رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي خوراڪ ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته حيدرآباد جا شهري خطري ھيٺ اچي رھيا آهن. پاڻي صاف ٿيڻ باوجود پيئڻ لائق نه ٿو ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته 2005 ۾ به پاڻي زهريلو ٿيڻ سبب سوين ماڻهو موت جي ور چڙھي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.