سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ ۽ زمينن تي قبضن خلاف 27 اپريل تي گڏيل ريلي جو اعلان

ڄامشورو( ڊ ر) سنڌ ۾ هٿرادو قائم ڪيل ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت، زمينن، ساحل ۽ وسيلن تي قبضن خلاف نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري جي ميزباني ۾ سندس گهر ڄامشوري ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين جو گڏيل اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ هٿرادو پيدا ڪيل ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت ۽ زمينن تي قبضن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي. اجلاس ۾ گڏيل راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته 27 اپريل تي حيدرآباد ۾ سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ بند ڪيو جي عنوان سان سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران گڏيل احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. ريلي جي تياري ڪميٽي جوڙي ويئي. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي ورڪرز پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ نور نبي راهوجو، وطن دوست جمهوري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري عرض محمد رتڙ، ايڇ آر سي پي جي امداد چانڊيو، سماجي اڳواڻ فهيم نوناري، غلام حسين لغاري، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڄام تماچي سمون، خدابخش ٿيٻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ مڪمل طور تي لاقانونيت جي حوالي آهي. ڌاڙيلن کي هٿ وٺي پيدا ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ڪنهن به ماڻهو کي ڪوبه جاني ۽ مالي تحفظ نه آهي. سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني بدران ڌاڙيلن جي حڪمراني آهي. پوليس آفيسر، سردار، وڏيرا، جاگيردار، ڀوتار، چونڊيل نمائندا ۽ ڪچي ۾ نيٽو جا هٿيار پهچائيندڙ ڌاڙيلن جا ساٿاري آهن. اڳواڻن چيو ته زرعي انقلاب ۽ ترقي جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙن زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جو عوام اهڙي فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. اڳواڻن چيو ته زرعي انقلاب جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ ۽ ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين کي ڏيڻ بدران زرعي سڌارا آڻي زمين مقامي سنڌ جي هارين ۽ هارياڻين کي ڏنيون وڃن. اجلاس ۾ چيو ويو ته معصوم پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي. ڌاڙيلن هٿان شهيد ڪيل صحافي جان محمد مهر، پروفيسر اجمل ساوند، استاد الله رکيو نندواڻي ۽ ٻين معصوم ماڻهن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان کان پوءِ سنڌ ۾ پيدا ڪيل هٿرادو ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت ۽ زمينن تي قبضن ۽ ٻين اهم مسئلن تي مختلف شهرن ۾ ڪانفرسون ۽ احتجاجي ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.