مهانگائيءَ جي شرح ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي جي دعويٰ

اسلام آباد (م ڊ) مارچ ۾ مهانگائي جي شرح 20.68 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، فيبروري ۾ مهانگائي 23.1 سيڪڙو هئي. شماريات بيورو پاران مهانگائي بابت ڏنل رپورٽ موجب فيبروري 2024ع جي مقابلي ۾ مارچ ۾ مهانگائي ۾ 1.71 سيڪڙو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ گذريل مهيني مهانگائي ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو پر گذريل سال مارچ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 3.7 سيڪڙو گهٽ رڪارڊ ڪئي وئي. شماريات اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان مارچ تائين مهانگائي جي سراسري شرح 27.06 سيڪڙو رهي، گذريل مهيني شهري علائقن ۾ مهانگائي 1.43 سيڪڙو، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي 2.13 سيڪڙو وڌي وئي. شهري علائقن ۾ بنيادي مهانگائي مارچ ۾ سال جي بنياد تي 12.8 سيڪڙو تائين وڌي وئي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ بنيادي مهانگائي مارچ ۾ سال جي بنياد تي 20 سيڪڙو تائين وڌي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.