پيپلزپارٽي پاران سينيٽ چونڊن ۾ فيصل واوڊا جي حمايت جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سينيٽ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي، پي ٽي آءِ سينيٽ جي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ھو، پر عملي طور تي بائيڪاٽ نھ ڪيو آھي، پي ٽي آءِ جا رڳو 9 ميمبر آھن، اُھي ڪيئن سينيٽ جي سيٽکٽيندا، هن  چيو  تھ عيد کان پوءِ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ماڻھن کي سنڌ سرڪار رليف ڏيڻ وڃي رھي آھي، اليڪٽرڪ بس ۽ پنڪ بس جا نوان روٽ شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون ۽ عيد کانپوءِ ريڊ لائن بي آر ٽي، ڄام صادق پل ۽ ييلو لائن بي آر ٽي تي ڪم تيزي سان شروع ٿيڻ وڃي رھيو آھي. هن چيو ته  ججن جي خط جھڙيون ڳالھيون سدائين عمران خان کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ئي ڇو ھونديون آھن، ھي ھڪ افسوس جوڳي ڳالھھ آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان رڳو چار پنج مھينا جيل ڪاٽي آھي ۽ ھن کي عدليھ جي آزادي ياد اچي وئي آھي هن چيو تھ  اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تھ عمران خان سان زيادتي ٿي آھي، آئون پُڇڻ چاھيان ٿو تھ عمران خان سان ڪھڙي زيادتي ٿي آھي، ھُو پنھنجن وزيرن مشير، ڪابينا ميمبرن سان ملاقاتون ڪري رھيو آھي،ساڻس وي وي آءِ پي واري ورتاءُ ٿي رھيو آھي، ڇا اھي جيل جون سختيون آھن؟ هن چيو تھ اسان عدليھ جي آزادي جي مڪمل حق ۾ آھيون پر اھڙن موقعن تي اسان جي ادارن کي نشانو بڻائي تڪراري بنائڻ جو مقصد رڳو  اھو آھي تھ عمران خان کي قومي ھيرو بڻائي پيش ڪيو وڃي ۽ اھا پروپيگنڊا ڪئي وڃي تھ عمران خان سان وڏي زيادتي ٿي آھي، عمران خان جيڪي ڪارناما ڪيا آھن اُھي ڪنھن کان ڳُجھا ناھن، شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪچي جي علائقي ۽ اسٽريٽ ڪرائمز تي ضابطي لاءِ حڪومت سنجيدھ آھي، فيصل واوڊا جيڪڏھن سينٽر بڻجي ٿو تھ اُن ۾ ڪھڙو حرج آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.