سينيٽ جي خالي 30 سيٽن تي چونڊ اڄ ٿيندي، انتظام مڪمل

اسلام آباد ( م ڊ ) سينيٽ جي 30 سيٽن تي اڄ چونڊون ٿي رهيون آهن پر خيبرپختونخواهه جي 11 سيٽن تي چونڊ ٿيندي يا نه   صورتحال اڃان تائين واضح نه ٿي سگهي آهي، اليڪشن ڪميشن چتاءُ ڏنو هو ته جيڪڏهن صوبي جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن حلف نه کنيو ته خيبرپختونخواهه جي حد تائين سينيٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، جڏهن ته پشاور هاءِ ڪورٽ به اسپيڪر کي قسم کڻڻ جي هدايت ڪئي هئي. جنهن جي پيروي نه ڪئي وئي.سينيٽ لاءِ 18 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي ويا، جڏهن ته 29 جنرل، 8 عورتن، 9 ٽيڪنوڪريٽ ۽ 2 غير مسلم سيٽن لاءِ چونڊ اڄ ٿيندي.وفاقي راڄڌاني جي سيٽ تي هڪ جنرل ۽ هڪ ٽيڪنوڪريٽ جي چونڊ ٿيندي، پنجاب جي سيٽن تي 2 عورتون، 2 ٽيڪنوڪريٽ، اسڪالر ۽ هڪ غير مسلم جڏهن ته 7 جنرل، 2 عورتون، 2 ٽيڪنوڪريٽ، اسڪالر ۽ هڪ ميمبر چونڊجي ويندو. سنڌ جي سيٽ تي غير مسلم چونڊجي ويندا، مسلم سيٽ تي اليڪشن ٿيندي. اهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ 7 جنرل، 2 عورتن ۽ 2 ٽيڪنوڪريٽ سيٽن تي چونڊون ٿيڻيون آهن، پر مخصوص سيٽن تي ميمبرن جو حلف نه کڻڻ سبب اڃان تائين اهو معاملو تڪراري بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.