قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ججن جي معاملي تي گوڙ

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾  ججن جي معاملي تي ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. اسيمبلي ۾ گرما گرمي ان وقت ڏسڻ وٽان ملي جڏهن عمر ايوب تقرير ڪرڻ لاءِ پنهنجي سيٽ تان اٿيو.عمر ايوب چيو ته اسان 6 ججن جي خط تي بحث ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان ان معاملي تي التوا واري تحريڪ جمع ڪرائي آهي. جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته سوالن جي وقفي کانپوءِ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائي سگهو ٿا.جنهن کانپوءِ اسيمبلي ۾ هنگامو ڪيو ويو ۽ ايوان نعرن سان گونجي اٿيو، ان دوران ن ليگ جي وڌيڪ 10 ميمبرن حلف کڻي ورتو. حلف کڻندڙن ۾ سائره افضل تارڙ سميت 8 عورتون شامل آهن، جڏهن ته عبدالرحمان ڪنجو ۽ اظهر قيوم نهرا به قسم کنيو.اسپيڪر ڊائس جي سامهون احتجاج پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر پاران حلف برداري دوران مسلسل ”نه نه“ جا نعرا هنيا ويا.ان موقعي تي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن عمران خان جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا. پلي ڪارڊن تي مختلف نعرا لکيل هئا، مخالف ڌر جي ميمبرن ووٽ ڏيو، مينڊيٽ چور ۽ ججن کي بچايو جا نعرا هنيا، ان کان علاوه قومي اسيمبلي ۾ فلسطين بابت ٺهراءُ پڻ جمع ڪرايو ويو، انجنيئر حميد حسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته يوم القدس کي سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شانگلا ۾ چيني شهرين تي حملي جي مذمت ڪندي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. جڏهن ته فيصل آباد ۾ پتنگ جي تار وڄڻ سبب نوجوان جي فوت ٿيڻ جو معاملو ايوان ۾ آيو، ميمبرن تار ٺاهيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو.پيپلز پارٽي جي عبدالقادر ٻارن سان زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شيرا فضل مروت حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي تي فوري قدم کنيا وڃن.اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن ليڊر جي مقرري لاءِ درخواستون طلب ڪندي چيو ته هو سڀاڻي نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي بحث نه ٿيڻ تي مخالف ڌر احتجاج ڪندي اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.