پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 16 اپريل تي گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ)  پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 16 اپريل تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پارلياماني سال جي باضابطا شروعات صدر جي خطاب سان ٿيندي.قومي اسيمبلي جو اجلاس 18 اپريل تي ٿيندو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ صدر جي پارليامينٽ کي خطاب تي بحث ڪيو ويندو.سينيٽ چونڊن کانپوءِ نون چونڊيل سينيٽرن جي حلف کڻڻ واري معاملي تي سينيٽ سيڪريٽريٽ پارلياماني معاملن واري وزارت کي خط موڪلي ڇڏيو.ذريعن موجب جيڪڏهن خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ اليڪشن ملتوي ٿي ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ عيد کانپوءِ ٿيندي.سينيٽ اجلاس ۾ نوان چونڊيل سينيٽر حلف کڻندا، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.