ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ هڪ ٻيو پيٽرول پمپ ڏينهن جو ڦرجي ويو، ڦر جي وڊيو سامهون اچي وئي، ڦورو ڪيشئر کان روڪ رقم ۽ موبائل کسڻ سان گڏ سادا ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪار به ڦري فرار ٿي ويا، راشد منهاس روڊ گلشن جمال ۾ موٽر سائيڪل سوار 3 جوابدار ڪيشيئر کان 20 هزار کسي فرار ٿي ويا، سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويو، فٽيج ۾ ڦورن کي ڪيشر کان پئسا ڦر ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته جوابدارن پمپ تي موجود سادن ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار کان به موبائل کسي ويا، پوليس اهلڪار جوابدارن تي فائرنگ به ڪئي، هڪ فائر کان پوءِ ٻي گولي پسٽل ۾ ڦاسي پئي، جوابدار جوابي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، پوليس مطابق سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ڏوهارين جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
-
جونيئر آفيسر جي آءِ جي طورمقرري، اسلام آباد جا 3 سينيئر ڊي آءِ جيز موڪل تي هليا ويا
اسلام آباد (م ڊ) جونيئر آفيسر علي ناصر رضوي جي بطور آءِ جي مقرري بعد اسلام آباد جا 3 سينيئر ڊي آءِ جي موڪل تي هليا ويا، آءِ جي اسلام آباد کي تبديل ڪري سيد علي ناصر رضوي کي وفاقي دارالحڪومت جي پوليس کي نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ گريڊ 20 جو سيد علي ناصر ڊي آءِ جي آپيرشنز لاهور مقرر هو.