مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي

نوشهروفيروز/ گهوٽڪي/ شڪارپور/ فيض گنج (نمائندن وٽان) سنڌ پوليس ڏوهارين جي نشاني تي، پوليس تي حملن جي ٽن ڌار ڌار واقعن ۾ 2 اي ايس آءِ شهيد ۽ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، گهوٽڪي  جي پوليس به غير محفوظ بڻجي وئي، سري عام هٿياربند پوليس جمعدار کي شهيد ڪري ويا، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳتيل آبادي واري علائقي شيلٽن هوٽل ڀرسان سوين ماڻهن جي هجوم ۾ هٿياربندن سرعام گوليون هڻي پوليس جمعدار غلام نبي سهتو کي شهيد ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي بعد جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ واري واقعي سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ مارڪيٽون بند ٿي ويون علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي، پوليس پهچي شهيد جمعدار جو مڙهه کڻائي سول اسپتال منتقل ڪرايو جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن احسان ڪلادي، اڪرم ٿهيم، ديدار چاچڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گهوٽڪي جو امن تباهي جي ڪناري پهچي ويو آهي، روزانو ڪو نه ڪو واقعو پيش اچي ٿو جنهن ڪري عوام ۾ خوف واري صورت حال ڇانيل آهي، پهريان عوام ئي محفوظ نه هئي پر هاڻي پوليس به محفوظ ناهي جنهن ڪري هٿياربند سريعام شهر ۾ اچي گوليون هڻي ماڻهن کي قتل ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس انهن خلاف سختي سان ڪا ڪارروائي ناهي ڪري سگهي، هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ۽ ٻين وس وارن کان گهوٽڪي ضلعي ۾ امن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڀرياروڊ پڪاچانگ لنڪ روڊ تي شان ڪاٽن مل  ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ نور احمد لاشاري گولين جو خاڄ بڻجي ويو، شهيد اي ايس آءِ نور احمد لاشاري جي ڀائٽي اقبال لاشاري ٻڌايو ته منھنجو چاچو ڪوٽ لالو ٿاڻي تي ڊيوٽي لاءِ وڃي رھيو ھو ته کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو،  اسان جي ڪنھن سان ڪا دشمني ناھي، ڀريا روڊ پوليس اٽالا واقعي واري ھنڌ پهتا، لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايڇ او ڀرياروڊ ٻڌايو ته واقعي بابت في الحال ڪجھه چئي نٿو سگھجي، وڌيڪ جاچ جاري آھي، واقعي بعد ضلعي نوشھروفيروز جي مختلف شھرن جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي، علائقي کي ڪڙو چاڙھي ايندڙ ويندڙ ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي شڪارپور ويجهو به ڌاڙيلن پوليس موبائل تي راڪيٽن سان حملو ڪيو، 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، ھٿياربندن انڊس هاءِ وي جي شجراع لاڙي وٽ گشت ڪندڙ پوليس موبائل تي راڪيٽ فائر ڪرڻ بعد فائرنگ به ڪري ڏني، پوليس اهلڪار يوسف پٺاڻ، عبدالوحيد جکرو ۽ جنسار علي زخمي ٿي پيا، شڪارپور اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد ٽنهي زخمي اهلڪارن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.