گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر) گهوٽڪي ۾ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪرڻ وارو واقعو، ڪجهه وقت اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهاري کي مقابلي دوران مارڻ واري پلاند ۾ اهلڪار کي ڏوهارين پاران شهيد ڪرڻ جا چوٻول هلي رهيا هئا، پوليس پنهنجي پٽي ڀائي سان انصاف ڪرڻ بجاءِ دشمني جو رنگ ڏئي خون لوڙهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهي، گيمڙو ٿاڻي جي حد گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري (ڀ) جي پلاند ۾ ڏوهارين پاران ڄاڻايل اهلڪار کي قتل ڪرڻ جا چوٻول هلي رهيا هئا، ذريعن موجب ته پوليس پنهنجي پٽي ڀائي غلام نبي سهتو جي قتل کي ذاتي دشمن جو رنگ ڏئي خون لوڙهڻ چاهي ٿي جنهن ڪري، ڏوهاري جي ڪاروائي ڏيکارڻ بجاءِ جھيڙي جو رنگ ڏنو پيو وڃي، ذريعن موجب ته ڏوهارين پنهنجي ساٿي جي مقابلي ۾ مارجي وڃن جو گهوٽڪي پوليس جي اهلڪار کي ماري ان جو پلاند ڪيو ويو آهي،.جيڪا پوليس جي ڪيترن ئي آفيسرن کي به خبر آهي،
ذريعن موجب ته قتل ڪندڙ ڏوهاري سندس جو موبائيل فون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا جيڪو به پوليس کي هٿ نه اچي سگهيو,هوڏانهن سوشل ميڊيا تي به اهلڪار کي ڏوهارين پاران پنهنجي ساٿي جي پلاند ۾ قتل ڪرڻ جون خبرون هلي رهيون آهن، ٻئي پاسي شهيد ڪيل پوليس اهلڪار غلام نبي سهتو جي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي،سميت ٻين آفيسرن پاران اباڻي ڳوٺ حاجي هوت سهتو ۾ پهچي شرڪت ڪئي.