جسٽس(ر) تصدق جيلاني جو جاچ ڪميشن جي سربراهي کان انڪار

اسلام آباد(م ڊ) ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي وفاقي سرڪار پاران جاچ  لاءِ جسٽس(ر) تصدق جيلاني جي سربراهي ۾ جوڙيل انڪوائري ڪميشن جي سربراهي کان جسٽس (ر) تصدق جيلاني انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم ۽ وڪيلن پاران چيف جسٽس کان ان واقعي تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ جسٽس(ر)تصدق جيلاني جو پٽ به شامل آهي.

  1. چيف سيڪريٽري نه هٽائڻ تي وفاق ۽ ڪي پي ۾ تڪرار برقرار

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواه جي قانون واري وزير آفتاب عالم چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت چيف سيڪريٽري  کي نه هٽايو ته ٻيا آپشن آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي عدالتي انڪوائري لاءِ مشاورت شروع ٿي وئي آهي، پارٽي قيادت سان گڏ ويهي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف داخل ڪوڙيون ايف آءِ آرز ختم ڪيون وينديون، ٻئي مرحلي ۾ ايف آءِ آرز داخل ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا. آفتاب عالم چيو ته اسان خلاف 3 ايم پي او ۽ قلم 144 جو غلط استعمال ڪيو ويو،

نٿا چاهيون ته مستقبل ۾ ان قانون جو غلط استعمال ٿئي، ان لاءِ اهو قانون تبديل ڪنداسين.

  1. وزيراعظم آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ وزيرن کي هدف ڏئي ڇڏيا

لاهور ( م ڊ ) لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير  عطا تارڙ  چيو ته گذريل وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينه جو اجلاس منعقد ٿيو هو جنهن ۾ وزيراعظم سمورن وزيرن لاءِ پنج سالن لاءِ حدف مقرر ڪيا هر وزارت کي ٻڌايو ويو ته اوهان کي شارٽ ٽرم ۽ لانگ ٽرم لاءِ ڪهڙا پروگرام هجڻ گهرجن. پاڪستان جي وزيراعظم اهو فيصلو ڪيو آهي ته هر وزير جي ڪارڪردگي کي ڏٺو ويندو.هن چيو ته وزيراعظم هر وزير  کي جيڪي حدف ڏنا آهن،  انهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڏٺو ويندو . هن چيو ته وزيراعظم هر وزير  کي جيڪي حدف ڏنا آهن،  انهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڏٺو ويندو ته اهي حدف حاصل ڪيا ويا آهن يا نه. لکت ۾ سمورن وزيرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اوهان کي ڪهڙا ڪهڙا حدف ڏنا ويا آهن. فنانس جي وزير کي به حدف ڏنا ويا آهن جنهن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽلائزيشن جو حدف ڏنو ويو آهي.عطاءُالله تارڙ چيو ته پهريون ڀيرو وزارتن کي اهي حدف لکت ۾ ڏنا ويا آهن  هاڻ هن ملڪ ۾ هڪ متوازن ڪابينه عمل ۾ آئي آهي، احتساب جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي. واپاري خساري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ناڻي جي مٽاسٽا کي وڌائڻ حدف آهي. سڄي دنيا ۾ اسان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي تعريف ڪئي پئي وڃي. سڄي ملڪ ۾ جديد ڊيجيٽل نظام کي آڻڻ جو ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ غيرقانوني هٿيارن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو حدف ڏنو ويو آهي.

اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ به حدف ڏنا ويا آهن. اهڙي طرح قانون تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. تعليمي ادارن، صنعت ۽ واپاري جي تعاون سان انهي کي اڳيان وڌائڻ جو حدف ڏنو ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته ڊسمبر 2027 تائين عرب ملڪن جي برآمدات ۾ اضافي جو حدف ڏنو ويو آهي. دوست ملڪن سان واپار ۽ لاڳاپن ۾ اضافو، خواندگي جي شرح جي حوالي سان ۽ جيڪي ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن انهن جي تعليم لاءِ به حدف ڏنا ويا آهن. پي آءِ اي جي نجڪاري کي فوري طور تي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

  1. اسرائيلي فوج جو غزا ۾ امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺلن مٿان حملو،77 ڄڻا شهيد

غزا ( م ڊ ) اسرائيلي فوج جي هڪ ڀيرو ٻيهر امداد جي منتظر فلسطينين تي فائرنگ، 77 ڄڻا  شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ امداد جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن  جي نتيجي ۾ 77  فلسطيني شهيد ۽ 30 زخمي ٿي پيا.عرب ميڊيا موجب اهو حملو غزه شهر جي ڪويت اسڪوائر تي امداد جي انتظار ۾ ويٺل فلسطينين تي ڪيو ويو، ان کان علاوه ديرالبله ۾ مقزي پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس لبنان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي گاڏي ويجهو اسرائيلي شيلنگ جي مذمت ڪئي آهي، اسرائيلي شيلنگ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جا 3 اهلڪار ۽ هڪ مقامي ترجمان زخمي ٿي پيا آهن، ٻئي طرف الشفا اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ويو آهي. غزه ۾ ٻن هفتن کان اسرائيلي فوج جو گهيرو ۽ حملا جاري آهن.غزه حڪومت موجب الشفا اسپتال جي محاصري ۾ 400 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج الشفا اسپتال جي چوڌاري گهرن کي به تباهه ڪري ڇڏيو، هزارين مريضن کي فوري طور تي گهرن مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي، ان دوران عراقي مزاحمتي گروپ پڻ ڪارروائي ڪئي آهي.

  1. اسرائيل ۾ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، نيتن ياهو کان استعيفيٰ جو مطالبو

يروشلم ( م ڊ ) ”نيتن ياهو استعيفيٰ ڏئي“، سڄي اسرائيل ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، سڄي اسرائيل ۾ ماڻهو حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا ۽ ڇنڇر  جي رات تل ابيب ۽ يروشلم ۾ آڪٽوبر کان وٺي سڀ کان وڏو احتجاج ڏٺو ويو، پرڏيهي خابرو اداري موجب يروشلم ۾ ماڻهن اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو جي گهر ٻاهران مظاهرو ڪيو ۽ موجوده بحران کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي ۽ غزه ۾ اسرائيلي يرغمالين جي آزاد نه ٿين تي نيتن ياهو کي ذميوار قرار ڏيندي کيس استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو، اسرائيلي ميڊيا ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ حڪومت مخالف مظاهرا ٿي رهيا آهن، ٻئي طرف تل ابيب ۾ ٻن هنڌن تي ماڻهن حڪومت خلاف مظاهرا ڪيا ۽ يرغمالين کي آزاد ڪرڻ ۾ ناڪامي جو الزام وزيراعظم تي لڳايو. مظاهرين جو چوڻ هو ته حڪومت غزه جي جنگ ۾ پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ چاهي ٿي، نيتن ياهو جي سياسي غلطين سبب اسرائيل کي جنگ جو نشانو بڻايو ويو، اسرائيلي پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو، ۽ 20 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، واضح رهي ته اسرائيل ۾ نيتن ياهو حڪومت کي برطرف ڪرڻ ۽ نئين چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت مخالف مظاهرين ايندڙ هفتي کان حڪومت خلاف احتجاج جو هڪ ٻيو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي غزا ۾ جنگبندي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ قراداد جي منظوري بعد جاري قتل عام خلاف لنڊن ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.