گهگهر ڀرسان گيهه ڪمپني ٻاهران گٽر ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 2 ڄڻا فوت

ملير (ڊ ر) گهگهر لڳ نجي گيهه ڪمپني ٻاهريان گٽر جي مين هول ۾ 3 ڄڻا ٻڏي ويا، ساهه ٻوساٽجڻ سبب 2 ڄڻا فوت، هڪ کي بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، فوتي ۽ بيهوش ٿي ويل شاهه لطيف ٽائون ۽ = ڀينس ڪالوني جا رهواسي آهن، بن قاسم ٿاڻي جي حد گهگهر ڦاٽڪ ويجهو نجي گيهه ڪمپني ٻاهريان گٽر جي مين هول ۾ 3 ڄڻا ٻڏي ويا، علائقي واسين پاران اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي واسين جي مدد سان ٻڏي ويل هڪ شخص نجيب ولد نصيب الرحمان کي بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو جڏهن ته گهڻي دير کانپوءِ ٻن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا. ان ڏس ۾ بن قاسم پوليس عملدارن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو گيهه جي نجي ڪمپني جي ٻاهريان گٽر ۾ پيش آيو آهي گٽر جي مين هول ۾ ٽيئي ڄڻا گيهه جي جهڳ مان سڻڀ ڪڍڻ جي نيت سان اندر گهڙيا ته ڪافي دير گذرڻ باوجود ٻاهر نه آيا اسان کي اتي موجود ماڻهن 15 تي اطلاع ڏني جنهن بعد پوليس علائقي واسين جي مدد سان گڏجي پهريان بيهوش ٿي ويل هڪ ڄڻي کي ۽ بعد ۾ ٻن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا. پوليس موجب ٻڏي فوت ٿي ويل ۽ زخمي شاهه لطيف ٽائون ۽ ڀينس ڪالوني جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا آخري اطلاعن تائين فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.